سنڌ جو بيباڪ صحافي، فقير محمد لاشاري

ليکڪ  ابراهيم لاشاري   

سنڌ جي  صحافتي تاريخ تي نظر ڪبي تمام گھڻا صحافي نظر ايندا جن پنهنجي لکڻين ۽ قلم ذريعي قوم جي ضمير کي جنجهوڙيو ۽ غفلت جي ننڊ مان جاڳايو آهي. اهڙين شخصيتن مان هڪ بيباڪ، جرئتمند ۽ بهادر صحافي فقير محمد لاشاري پڻ ھڪ  هو. فقير محمد لاشاري جي لکڻين سچ ته صحافت کي نوان موڙ ۽ نيون راهون ڏنيون. 42 سالن جي ڦوهه جواني واري عمر ۾ وڇڙي ويل فقير محمد لاشاري سچ ته پنهنجي قلم ذريعي صحافت کي جيئدان ڏيون ھليو ويو.  17 جولاءِ  جي تاريخ هر سال اسان کي هڪ عظيم صحافي جي ياد ڏياريندي رهي ٿي ڇو جو 17 جولاءِ سال 1993ع وارو ڏينهن صحافت جي دنيا ۾ نوان نوان جديد لاڙا معتارف ڪرائيندڙ اڏول ۽ انمول شخصيت (ف_ م فقير محمد لاشاري ) جهڙي شخصيت هي جهان ڇڏي هميشه لاءِ گاجي کهاوڙ واري مقام ۾ پنهنجي والد جي ڀر ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. 28  سالن جو تمام هيڏو وڏوعرصو گذري وڃڻ باوجود هن جي شخصيت  ڪم، ۽ ڪردار  اڄ به صحافت واري دنيا ۾ اوتروئي (ڏهيسر صحافي سنڌ ) طور مشهور ۽ مقبول آهي، هن رنگا رنگي دنيا منجهه ڪيترائي اهڙا انسان ٿي گذريا آهن جن پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ۾ گذاري آهي اهڙن عظيم انسان منجهان وارهه تعلقي جي ڳوٺ گاجي کهاوڙ جي عظيم پيءَ محمد حسن لاشاري کي اهو عزاز حاصل ٿيو ته هن جي گهر منجهه  4 سيپٽمبر 1951 ع اڱاري جي ڏينهن پرهه ڦٽي مهل هڪ روشن ڏيئو فقير محمد لاشاري  جي نالي سان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو.

Faqir Mohd Lashari

سندس امڙ جو نالو صغران خاتون لاشاري هو .فقير محمد لاشاري پنجن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد صاحب ڦرهي هٿ ۾ ڏئي گاجي کهاوڙ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس بهترين باڪمال استاد مصري خان زبردست تربيت ڪئي، جنهن جو تعلق ميروخان تعلقي سان هو. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ  لاءِ فقير محمد لاشاري گاجي کهاوڙ مان 12 ڪلوميٽر پنڌ ڪري وارهه هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين جتان هن سال 1968ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ورتائين. مئٽرڪ جي تعليم دوران سندس  محنتي استاد  محمد ابراهيم چانڊيو زبردست نموني تربيت ڪئي.
سال 1968ع ڌاري فقير محمد لاشاري سهولتون نه هئڻ باوجود هي گاجي کهاوڙ جو واحد شاگرد هو جو روزانو انگريزي اخبار(ڊان ) گهرائي پڙهندو هو.  فقير محمد لاشاري تعليم کي اڳتي وڌائيندي انٽر ڪامرس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان ڪري ورتي .ڪاليج واري ئي زماني ۾ هن کي سياست جو رنگ لڳي ويو. سندس ان زماني ۾ واسطو ترقي پسند تحريڪ سان ٿيو.
سال 1972 ع ڌاري فقير محمد لاشاري درس تدريس جي شعبي جي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان سلهاڙجي ويو .ان زماني ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان1972ع بي اي پاس ڪري سنڌيونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس سال 1974ع۾ پاس ڪيائين، ۽ سال 1979ع ڌاري قانون جي ڊگري ايل ايل بي پڻ حاصل ڪيائين .ان دور ۾ فقير محمد لاشاري پيو سياسي  بحث ڪندو وتندو هو. سندس سياست سان بي انتها دلچسپي هيس .جنهن ۾ سوشلزم،مارڪسزم،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب،پيپلز پارٽي،ون يونٽ،۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي دليلن سان بحث پيو ڪندو هو . سندس سوچ ترقي پسند هوندي هئي. هن تمام گهڻي ڪوشش ڪري نوجوان نسل کي پيري مريدي ، وڏيراشاهي ۽ ٻين اهڙين خراب ريتن رسمن جي خلاف پرچار ڪري انهن جي اثر کان آجو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. واقعي هن جي پرچار جو اثر به ٿيو، جو ان زماني ۾ گاجي کهاوڙجي مقامي وڏيري کي لاشاري فقير محمد جي اهڙي پرچار پسند نه آئي .جلدي پنهنجو اثر ڏيکاريندي مقامي وڏيري لاشاري صاحب مٿان ڪافر، ڪميونسٽ، ملحد، جهڙا بيڪار غلط الزام هڻي ان زماني ۾ تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي درخواستون ڪري ،سندس مٿان انڪوائري ڪرائي مگر ايماندا آفيسرس سياسي دٻاءَ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڏهيسر صحافي فقير محمد لاشاري صاحب جي حق ۾ رپورٽ ڏئي فيصلو ٻڌايو جتي وڏيرا شاهي شڪست کائي ويئي .ان زماني منجهه هي پختي حوصلي وارو عظيم انسان بيباڪ صحافي سال 1974ع ڌاري گاجي کهاوڙجي معزز شخصيت محمد هاشم لاشاري جي نياڻي محترمه عزت خاتون لاشاري سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، سندس ڏک ۽ سک جو هڪ جيون ساٿي ملي ويو .هي اتي خاموش نه ويٺو هن زندگي جا ڪيترائي رخ ڏٺا ۽ ڌرتي جا ڏک، سک سٺا فقير محمد لاشاري صاحب سڄي حياتي پاڻ ۽ پنهنجي قوم سان ڪميٽيڊ رهيو .

From right side: Faiz pirzado, Aftab Sheikh, Anwer Pirzado, Anwer Dingraai, Faqeer Mohd Lasahri, Abdul Rehman Naqaash, Hakim Mangi etc. Photo with Courtesy Anwer Dingrai and Riaz pirzado


فقير محمد لاشاري سال 1976_1977ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي عهدي تان استعفي ڏئي ، ڪراچي جو رخ ڪري ڪراچي منجهه ڪمپر يهينسو هاءِ اسڪول عزيز آباد ۾ سنڌي لينگويج ٽيچر مقرر ٿيو .شروع شروع ۾ لاشاري صاحب وارهه اسٽيشن لاءِ اخبارن ۾ رپورٽنگ ڪندو هو ،پوءِ اتان ئي صحافتي لڏي ۾ لاڳاپا وڌي ويس .پوءِ هن جلد مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ تنهن کانپوءِ هن ادبي، رسالن، اخبارن ۾( فقير محمد لاشاري) جي نالي سان داخل ٿي سڄي سنڌ ۽ اديبن ۾ پنهنجو نالو ڪڍرايو .،هن ان زماني ۾ پنهنجي سوچ ۽ قلم جي تيز ڌار سان هڪ هٽي وارن اديبن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو .هن جي قلم هيٺ سنڌ جون سياسي حالتون ، دنيا جا فلسفا، هاري، مزدور، غريب ماڻهن جا ڏک ۽ سور ، تڪليفون ۽ ان جي حل جا رستا شامل هئا .
فقير محمد لاشاري صاحب کي شروع شروع ۾ وڏن اديبن برداشت نه ڪيو مگر هن جي ڏاهپ جو جذبو اعلي ۽ اتم هو. هن جي گفتار ۽ قلم جي سچائي ، جملن جي نواڻ ۽ ادب جا اعلي گر ۽ تحريرون۽ تقريرون ۽ ملڻ جو انداز ،نياز نوڙت وارو روپ هڻي هنڌ ڪري ،  سنڌي ادب ۽ اديبن ۾ معتبر ۽ ڏاهي شخصيت ۽ بيباڪ طور اڀريو .هي اعلي لڇڻن جي مالڪ محسوس ڪيو ته قلم جي سچائي جي قيمت هن جي نالي کي ڪيتري بلندي تي پهچايو، نه صرف صحافت پر هن ادبي ميدان ۾ ڪهاڻيون به لکيون. ان کانسواء هو هڪ بهترين نقاد پڻ هو.صحافت ۾ رهندي هن جو قلم نه ڪڏهن رڪيو ۽ نه ڪڏهن هو پاڻ به ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو. کيس خريدڻ جي گهڻي ڪوشش ٿي، هن کي ڌمڪايو ويو ، لالچايو ويو پر سندس قلم آزاد رهيو. هن صحافت کي جديد لاڙا ڏنا ۽ سچ جو ساٿاري رهيو، صداقت جو پيغام بهادري سان ڏيندو رهيو.هن سال 1977ع ڌاري هلال پاڪستان (اخبار) ۾ سب ايڊيٽر طور شامل ٿيو ،ائين ئي سنڌي صحافت ۽ ادب جو شاندار سنگم ۽ سڀني صحافتي گرن جو ڄاڻو هماليه جبل کان به وڌيڪ سگهاري شخصيت طور سامهون اچي ويو .ان کان ٿورو عرصو اڳ فقير محمد لاشاري صاحب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران (مختيار ڪاري) جي پوسٽ لاءِ لکت جي امتحان ۾ پاس ٿيو، ان زماني منجهه سموري سنڌ جي (ٻه هزار اسي ) اميدوارن منجهان فقير محمد لاشاري صاحب (ٽيون نمبر) آيو مگر وقت جي سرڪار کيس سياسي سببن جي ڪري هن کي ان مخيتارڪاري جو آڊر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .ائين ئي سنڌي صحافت کي فقير محمد (ف_م _لاشاري ) جي نالي سان هڪ سگهارو قلمڪار ملي ويو . جنهن اچڻ شرط روايتي صحافت جا سڀ در (ٽرينڊ) بد لائي سنڌي صحافت کي نون لاڙن ۽ گرن سان روشناس ڪرايو . تنهن بعد سماجي جوڙجڪ ۾ صحافت جي حيثيت تسليم ٿيڻ لڳي .
فقير محمد لاشاري سال 1979ع ڌاري هلاپاڪستان ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ سال 1981ع ۾ هلال پاڪستان انتظاميه هفتيوار (هلال پاڪستان مئگزين ) ڪڍڻ شروع ڪيو ته فقير محمد لاشاري صاحب ان جو انچارچ مقرر ٿيو . ان هفتيوار مئگزين جا اندازن 50  پرچا ظاهر تي ڇپجي پڌرا ٿيا، جيڪي سنڌي ادب ۽ صحافت جو هڪ شاندار ۽ اعلي سنگم پڻ ثابت ٿيا. ان زماني ۾ فقير محمد لاشاري هلال پاڪستان جي انتظاميه کان ماهوار مخزن ڪڍڻ جي منظوري ورتي ان جو پهريون پرچو سال 1982ع ۾ پڌرو ٿيو جيڪو ڏيڍ سال کن اهو سلسلو جاري رهيو .ان مخزن مقبوليت به ماڻي اخبار کي ڪافي فائدو به رسيو مگر اخبار انتظاميه کيس گهربل آزادي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ،مگر ان مخزن لاشاري صاحب کي به بلندين تي پهچائي ڇڏيو هو .
فقير محمد لاشاري خاموش ٿي نه ويٺو هن سال 1989ع ڌاري ڪراچي مان پهرين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ سنڌي اخبار (عوامي آواز ) جاري ٿي عوامي  آواز انتظاميه سندس کي اخبار جو (چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو هن هلال پاڪستان اخبار ڇڏي اچي عوامي آواز جي سٿ ۾ شامل ٿيو . ٿوري عرصي ٽن مهينن منجهه اخبار کي وڏي بلندي تي پهچائڻ ۾ فقير محمد لاشاري صاحب سڀ گر استعمال ڪري اخبار ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ اخبار کي وڏو فائدو رسيو . ان زماني ۾ فقير محمد لاشاري اخبار جي ٻين تبديلن مان هن جي خاص شيءِ هئي (ايڊيٽوريل ) جيڪي عوام ۽ نوجوان طبقي ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا . هن بيباڪ صحافي فقير محمد لاشاري (عوامي آواز ) سان سال ڏيڍ ساٿ رهيو تنهن بعد اخبار انتظاميه جي باهمي چپقلش ۽ رويي جي بدلجڻ ڪري هن اخبار کي الوداع ڪرڻو پيو ۽ هي بيباڪ صحافي بي روزگار بڻجي ويو  مگر هو بنهه خاموش نه ويٺو بيروزگاري جي ان زماني ۾ سندس تيز ۽ سچائي واري ذهن ۾ هڪ نئين اخبار ڪڍڻ جو خيال من ۾ تري آيس ،ڪجهه دوستن سان گڏجي ڀٽائي پبلشنگ هائوس جو بنياد رکي روزانو (جاڳو ) اخبار نالي سان شائع ڪرائي پهرين جنوري 1991ع ڌاري هن اخبار جو پهريون پرچو ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو ،جنهن جو آخري گهڙي تائين (ف_م _لاشاري ) باني ايڊيٽر رهيو .فقير محمد لاشاري صحافتي دنيا واري زماني منجهه سال 1987ع کان1989ع تائين هلال پاڪستان ورڪرس يونين جو صدر ، رهيو ۽ سال 1987_88ع سال 1989ع تائين ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر پڻ رهيو .ان کان علاوهه سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سال 1979ع کانسال 1987ع تائين لڳاتار 8 سال سيڪريٽري به رهيو .
دراصل هو سچ جو ساٿاري ۽ صحافت جو امين هو ڪنهن به ڏک، غم، مصيبت بحث ۽ پريشاني منجهه فقير محمد لاشاري جي چهري تي مرڪ ۽ سوڀ سان سرشار هوندو هو فقير محمد صاحب سنڌي ادب ۽ صحافت کي هڪ زنده  حقيقت سان روشناس ڪرايو ، ساهتي لڏي جي هن عظيم انسان قلم کي ڪڏهن به ڪاروبار جو ذريعو نه بڻايو سندس قلم هميشه روشن خيال باضمير ۽ ترقي پسند سوچ جي مالڪ ماڻهن لاءِ انڌيرن ۾ اتساهه جي روشن لاٽ رهيو .سڄي زندگي ۾ هن ڏک ڏسي ڌڪ کائي افسوس ڪرڻ جو نالو من اندر هيو ئي ڪونه هو هميشه اڳتي وڌڻ جو نعرو کڻي  گاجي کهاوڙ کان گجر خان تائين اڳتي وڌندو رهيو.هي عظيم انسان سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ڏئي ويو جن منجهه ڪتاب ( سنڌ جا سور ، ڌر تتيءِ جي دانهن ، سگهارو هماليه، هيڻا ماڻهو ، سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق علي تائين ، ڇپر جا سونهان ، رڃ جهڙي سماج ۾ مورجي رڙ . ان کان علاوه 800 کان مٿي مضمون مقالا سنڌ جي مختلف اخبارن ،رسالن جي زينت بڻيا.

In a seminar with Mohtarma Benazir Bhutto


هي ڀلوڙ بيباڪ صحافتي دنيا جو روشن ستارو، بي ڌڙڪ،  بهادر، سچ جو ساٿي ، سچو اديب پنهنجي صحافتي ذميوارين جي سلسلي ۾ تاريخ 17 جولاءِ 1993ع تي 41 سال 10 مهينا ۽ 13 ڏينهن زندگي جا گذاري ڇنڇر ڏينهن هميشه هميشه لاءِ  پنجاب صوبي جي شهر گجر خان وٽ گاڏي کي ٽڪر لڳڻ سبب حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. صحافتي دنيا جي  هن روشن ستاري کي سندس اباڻي قبرستان  گاجي کهاوڙ تعلقي وارهه ۾ دفن ڪيو ويو.سندس تربت مٿان هڪ عاليشان مقبرو پڻ اڏيل آهي . سندس اولاد منجهان هڪ پٽ محترم سارنگ لاشاري ۽ ٽي نياڻيون هڪ گهر واري ۽ ٽن ڀائرن  غلام مصطفي لاشاري ،غلام مرتضيٰ لاشاري ، ۽ محمد سچل لاشاري کان علاوه هزارين دوستن کي اڄ  ڏينهن تائين سوڳ ۾ ڇڏي ويو. سندس پٽ سارنگ لاشاري ۽ نياڻي نصرت لاشاري پڻ پنهنجي والد جي سوچن ۽ خيالن جا ترجمان پڻ آهن .هن بيباڪ صحافي جي ڪيل ڪمن کي اڄ به ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ بهترين نموني سان ساراهيو وڃي ٿو. ڪافي عرصي کان ھن بھادر بيباڪ صحافي جي ورسي گرمي جوشي سان نٿي ملھائي وڃي نه وري صحافي حلقن ڪا ورسي ملھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي حقيقت ۾ صحافتي دنيا جي ماڻھن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ھر سال ھن ڏھيسر صحافي ف م لاشاري جي ورسي وڏي پيماني تي ملھائڻ گھرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو