سنڌ جا 75 سيڪڙو استاد رياضي ۽ سائنس نٿا پڙهائي سگهن، وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي هڪ لک 34 هزار استادن مان هڪ لک استاد سائنس ۽ رياضي نه ٿا پڙهائي سگهن. سردار شاهه لياري ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول مير ايوب ۾ تعليم کاتي طرفان سنڌ انرولمينٽ مهم 2019ع هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوان ڀرتي ٿيندڙ استاد اعليٰ تعليم يافته هوندا جن کي ڀرتي ڪرڻ کان اڳ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ورتي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيشنري ۽ ڪورس بليڪ تي وڪرو ڪندڙ نجي اسڪولن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هڪ ساول تي هن چيو ته منهنجي استعيفيٰ بابت خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. سيمينار ۾ شاگردن ٽيبلوز به پيش ڪيا. جڏهن ته سيمينار کان اڳ آگاهي واڪ به منعقد ڪئي وئي، جيڪا لياري جي گورنمينٽ ڊي سي ٽي او هاءِ اسڪول کان شروع ٿي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول مير ايوب تي ختم ٿي، واڪ جي قيادت تعليم واري وزير  سردار علي شاهه ڪئي جڏهن ته ساڻس گڏ تعليم بابت سيڪريٽري شاهد پرويز، استاد ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو