سنڌ حڪومت پاران جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت سومر کان دڪانون رات 8 وڳي تائين کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ  ڪورونا وائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سومر 7 جون کان سموري صوبي ۾ دڪان رات 8 وڳي تائين کوليا ويندا. پر سمورن دڪاندارن ۽ اسٽاف جي ويڪسين لازمي ڪرائڻي پوندي ۽ 15 ڏينهن کان پوءِ دڪان جي اسٽاف جا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا ويندااجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته آئوٽ ڊور ڊائئنگ جي رات 12 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ تي ماڻهن جي وچ ۾ فاصلو رکڻ لازمي هوندو. 2 هفتن کان پوءِ شادي هالز، ۽ آئوٽ ڊور شادين جي اجازت هوندي. سمنڊ ڪنارا، بيچ ۽ سي ويو به کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيلون به ايس او پيز جي تحت کولڻ جي اجازت هوندي.هوڏانهن سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ اعلان ڪيو ته ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نائين ڪلاس کان ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سڀاڻي کان کولڻ جي اجازت هوندي. سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي ويڪسينيشن لازمي هوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو