‘سنڌ بلوچستان مان کنڀيل ڪارڪنن کي عدالتن ۾ پيش ڪريو’

نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ جئیي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي جسقم ضلعي نوشھروفيروز طرفان نوشھروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو سنڌ ۽ بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لائ سخت نعري بازي ڪئی مظاھري جي اڳواڻي شاھنواز سنڌي، حفيظ وسطڙو، شرجيل ٺڳر، عزيز ڀنگوار، عرفان وسطڙو، ذيشان وسطڙو، مجاھد وسطڙو، فيصل وسطڙو ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ت اڄ جبري گمشدگين جو عالمي ڏھاڙو آھي ان ڏينھن تي بہ سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھو سراپا احتجاج آھن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو ڏوھ اھو آھي جو ھو وطن جي بقا،وطن جي آزادي جي ڳالھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ رياست ادارن طرفان بلاجواز قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي،کنڀي گم ڪيلن جون فيمليون،پنھنجن پيارن جي آزادي لائي رت جا ڳوڙھا ھاري رھيون آھن ھن مھل تائين ڪا بہ داد رسي ناھي ٿي اسان دنيا جي عالمي ادارن مذھب ملڪن ايمسنٽي انٽرنيشنل ۽ انساني حقن جون عالمي تنظيمون کنڀي گم ڪيل،۽ ڪوڙن ڪيسن جو فورن نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو