سنڌ بابت وزيراعظم جي صدارت ۾ اهم اجلاس

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ سنڌ سان واسطو رکندڙ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس دوران ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري، آءِ جي سنڌ جي مبينا تذليل ۽ آئيلينڊ اٿارٽي سوڌو ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، علي زيدي، فردوس شميم نقوي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ ڪراچي پيڪيج تحت مختلف منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان اپوزيشن جي حڪومت مخالف بيانيي کي منهن ڏيڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس سڏائي ورتو، اجلاس ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ حڪومتي ترجمان شرڪت ڪندا، گورنر عمران اسماعيل طرفان ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو