سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان تعليمي سيمينار منعقد

ميهڙ(غلام حسين پنھور) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان سن لائيٽ ماڊل اسڪول ميهڙ ۾ تعليمي سيمينار ڪوٺايو ويو. تعليمي سمينار ۾ اسڪول جي شاگردن، شاگرياڻين، استادن ۽ والدين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردياڻين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي، تقريرن جا مقابلا ٿيا جنهن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيلڊ، ميڊل ڏنا ويا.

photo: sindhyar

تقريب کي خطاب ڪندي سيد وزير علي شاه، صدام حسين مغيري، جواد چنا، مس آمنا عباسي، ثمينه چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي شاگردن ۾ لڪيل صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ هن قسم جون سرگرميون ٻارن جون صلاحيتون اجاگر ڪن ٿيون ٻار کي اسڪول اندر پنهنجن صلاحييتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملڻ کپي تعليم سان بهتري ممڪن آھن اسڪول اندر ٻارن کي تدريسي ۽ غير تدريسي سکيا سان ٻار جي اوسر ٿيندي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگرن ۽ شاگردياڻين خاڪا ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو