سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ سبب 4 ڄڻا فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف واقعا پيش اچڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ملير مان دريا خان شر مطابق بن قاسم ٿاڻي حد پپري ۾ مسجد مصطفيٰ جي ويجھو نامعلوم 14 سالا ٻار بيهوشي جي حالت ۾ مليو جيڪو ڪجھ دير بعد دم ڌڻيءّ حوالي ڪيو. علائقي جي رهواسين مطابق ڇوڪرو لائي، ٽافيون وغيره کپائيندو هو. پوليس لاش  کي جناح اسپتال روانو ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او بن قاسم عارف رزاق چيو ته اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.تمام جلد ھن قتل جو حقيقتون سامهون آڻينداسين**** عادل پور مان اسلم مهر مطابق ڳوٺ ڀورڙا ڪلوڙ ۾ گذريل ڏينهن ٻني تي ويل پنجاھ سالا شير محمد ڪلوڙ جو لاش هٿ آيو جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته شيرمحمد شام جو ٻني تي گهمڻ لاءِ ويو جيڪو رات دير تائين گهر واپس نه موٽيو جنهن بعد ڳوٺاڻن سڄي رات سندس ڳولا ڪئي صبح جو سندس لاش ڦٽين جي فصل ۾ پيل هو. علائقي واسين موجب شير محمد دل جو مريض هو سندس موت دل جو دورو پوڻ سبب ٿيو آھي ۽ فوتي جي جسم تي ڪنهن بہ قسم جي تشدد جا نشان نه هئا فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. *** ڳڙهي ياسين مان محسن ناياب موجب ڳوٺ ننڍو خان دورو جعفري ۾ زمين تي گاھ ڪندڙ نوجوان کي نانگ ڪکي وڌو نانگ جي ڪکڻ سبب 18 ورهين جو نوجوان فرمان علي پٽ شهباز علي جعفري اسپتال منتقل ڪندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. فوتيءَ جو مڙھ گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ قبالو ۾ زمين مان گذرندڙ بجلي جي تار ڪرڻ سبب  زمين تي راند ڪندي تارن جي لپيٽ ۾ اچي  12 ورهين جو اميد علي عرف هيرو پٽ خان محمد راڄڙ پڻ فوت ٿي ويو. اطلاع تي وارثن نينگر کي کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي نينگر جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو