غلام قادر چانڊيو پي اي سي جو چيئرمين چونڊجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي پي ميمبر غلام قادر چانڊيو کي پي اي سي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي. اپوزيشن جي بائيڪاٽ باوجو سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي يعني پي اي سي ۾ اسپيڪر سمورا ممبر حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جا نامزد ڪيا آهن. سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ، محمد قاسم سومرو، عبدالڪريم سومرو، سيد فرُخ احمد شاهه ۽ گهنور علي اسراڻ کي شامل ڪيو ويو آهي. اڃا تائين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين مقرر نه ٿي سگهيو آهي. پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سوڌو اپوزيش پارٽيز پي اي سي جي چيئرمين شپ اپوزيشن ليڊر کي ڏيڻ جو مطالبو ڪنديون رهيون آهن، جڏهن ته حڪمران ڌُر پيپلز پارٽي موقف اختيار ڪندي رهي آهي ته اپوزيشن ليڊر جو عهدو پي ٽي آءِ وٽ آهي ۽ ڇاڪاڻ جو پي ٽي آءِ ميثاق جمهوريت تي صحيح نه ڪئي هئي، تنهن ڪري پي اي سي جي چيئرمين شپ وارو عهدو اپوزيشن کي نه ڏنو ويندو. ٻئي پاسي شرجيل ميمڻ پي اي سي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن موڪليل استعيفيٰ ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پي اي سي جو ميمبر ٿيڻ مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي، پر ڇاڪاڻ جو نيب ۾ مون خلاف جاچ هلي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ميمبرشپ جاري نٿو رکي سگهان. واضع رهي ته پي اي سي جو اهم ڪردار هوندو آهي ۽ حڪومت جي غلط فيصلن ۽ فنڊز جي غلط استعمال جي صورت ۾ محتسب جو ڪردار ادا ڪندي آهي. ان ڪميٽي ۾ اپوزيشن جو نه هجڻ حڪومت لاءِ واڪ اوور آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو