سنڌي وڏيرن کي ڌارين جو دلال بڻجي چنيسر نه ٿيڻ گهرجي، پليجو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌي وڏيرن ۽ سردارن سان مخاطب ٿيندي چيو آھي تہ عزت پيسن، پڳن، دٻدٻن، لقبن ۾ نہ، ڪردار، دليري ۽ قومي غيرت ۾ آھي. ڌارين شڪارين جا دلال بڻجي پنھنجا ڳڀرو نوجوان مارائي اوھان جعفر، صادق، نائون مل ۽ چنيسر جا ساٿاري بڻيا آھيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان ناظم جوکيو جو قتل درندگي ۽ دھشتگردي آھي، نوجوان ناظم معصوم پکين جي شڪار خلاف ھو۔ ھن عرب شڪارين کي پکين کي قتل ڪرڻ کان روڪيو، ان ڏوھ ۾ درندن کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو۔ نوجوان جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي۔ ھن چيو تہ سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي۔ آئين ۽ قانون کي طاقت جي زور تي لتاڙيو پيو وڃي۔ جرڳائي نظام کي مظبوط ڪري لاقانونيت ۽ دھشتگردي جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪو بہ قانون کان مٿانھون ناھي۔مقتول نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي۔ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪا نئين يونيورسٽي قائم ناھي ٿي۔ ميريٽ کي لتاڙي سفارش ۽ رشوت جي بازار گرم ڪئي وئي آھي۔ بيروزگاري، بک ۽ بدحالي سبب خودڪشين جا واقعا وڌي ويا آھن۔

پهنجو تبصرو موڪليو