وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون گيٽ آڏو ڌرڻو

ڪراچي (شهزادو مستوئي ) ملير ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف بحريه ٽائون خلاف اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت جي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن مان قافلا بحريه ٽائون آڏو پهچي ويا آهن.سنڌ ايڪشن ڪميشن جي سڏ تي قومپرست ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين جا قافلا بحريه ٽائون آڏو پهچڻ جو سلسلو جاري آهي. جلال محمود شاهه، قادر مگسي ۽ اياز پليجو قافلن سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا. ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل شهرين طرفان بحريه ٽائون انتظاميه جي قبضن خلاف نعريبازي ڪئي پئي وڃي. ڌرڻي واري هنڌ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا.جڏهن ته بحريه ٽائون ويندڙ سمورا رستا ڪنڊيدار تارون رکي سيل ڪيا ويا آهن ۽ پوليس، رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن  ڌرڻي لاءِ نڪتل قافلن جي رستا روڪ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ملير، ٺٽو، بدين ۽ ڄامشورو سميت مختلف علائقن ۾ پوليس قافلن کي روڪي ورتو. ڪارڪنن پاران رستا روڪ خلاف ڌرڻا هنيا ويا. بحريه ٽائون انتظاميه ۽ پوليس پاران رستا روڪ خلاف سخت نعريبازي.هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ايس او يپز جي بهاني سان قافلن کي رستن تي روڪيو پيو وڃي. پوليس ۽ انتظاميه جتي به روڪي ڪارڪن اتي ڌرڻو هڻي ويهي رهن.  جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو به قافلن جي رستا روڪ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد  سنڌ دشمن منصوبا آهن. ڪارڪنن کي ڌرڻي ۾ شرڪت کان روڪيو ويو ته هر شهر ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي. سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڌرڻي کي تين وال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. 

پهنجو تبصرو موڪليو