سنڌي ثقافتي ڏينهن سڄي دنيا ۾ سنڌين کي متحد ڪري ٿو، سعيد غني

ڪرچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌي ثقافت جو عالمي ڏهاڙو هڪ سٺي روايت بڻجي ويو آهي، هي ڏينهن سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن ماڻهن کي متحد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران ”سنڌي ڪلچر ڊي“ جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي.

Arts council president Ahmed shah honored

جنهن ۾ ارشاد سوڍر، ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي جواد مظفر، پ پ اڳواڻ بئريسٽر هالار وساڻ، پريس ڪلب ڪراچي جي صدر فاضل جمالي، ڊاڪٽرن، وڪيلن، شاگردن سميت عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صحافين ۽ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سنڌي ثقافتي ميلي ۾ احمد مغل، جگر جلال، فهيم علڻ فقير، وقار ملاح، مارول گروپ ۽ ٻين فنڪارن سنڌي ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ گيت پيش ڪيا ۽ حاضرين کان تحفا وصول ڪيا، ان موقعي تي فنڪارن کي ٽوپي جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو