سنڌي ثقافتي ڏينهن، عيد کان وڌيڪ اهم بڻجي ويو!

ليکڪ   محمد فاروق ٻرڙو

ھونئن ته سنڌي ثقافت جو پسمنظر ھزارين ورھيه آڳاٽو آهي ۽ اجرڪ ٽوپي جي چٽساليءَ جا اھڃاڻ موھن جي دڙي جي ماڳ مان به مليا، مطلب ته ھن ديس جا رهواسي صديون اڳ به پنهنجي مٽيءَ جي تھذيب ۽ ثقافت سان جسم ۽ روح جيان لازم ملزوم رھندا پئي آيا، اھڙي سگھاري تسلسل جو ڳانڍاپو ته ڪنهن به ريت ٽٽي نه ٿو سگهي جنهن جو مثال ھاڻي سنڌ واسين ھر سال جي آخري مھيني ڊسمبر جي پھرين آچر جي ڏينهن تي پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو ملھائين ٿا. 5ڊسمبر 2021 جو پھريون آچر ھر سال وانگر ھن سال به ڪروڙين سنڌين سمورن ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، وستين، واھڻن ۾ ثقافتي ريليون ڪڍي ٻيا پروگرام منعقد ڪري ڀرپور پيار، محبت ۽ پاٻوهه جو اظهار ڪيو ويو، سال 2021ع جي ڊسمبر مهيني ۾ شروع ٿيل ھن تسلسل کي اڄ ھڪ ڏھاڪو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ سرھائي جي ڳالهه اھا آھي ته ھن قومي ڏڻ يا قومي ثقافتي عيد جي موقعي تي ھر سال اڳي کان وڌيڪ اڳرو جوش، جذبو ۽ جنون نظر اچي ٿو ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته نه رڳو پاڪستان پر سموري ايشيائي خطي توڙي دنيا ۾ جيڪڏهن ھن ڌرتيءَ جي گولي تي حقيقت ۾ ڪا قوم پنهنجي وڏڙن جي ھزارين ورھيه آڳاٽو پسمنظر رکندڙ شاندار ثقافت ۽ تھذيب سان پيار ڪري ٿي ته اھا واقعي سنڌي قوم ئي آهي، جيتوڻيڪ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري تسلسل کان پوءِ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به مقامي سطح تي ڪلچرل ڊي يا ڪلچرل ويڪ ملھائجڻ جا بنياد پيا، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌي حمايت پڻ ڪن ٿا پر جھڙي پذيرائي ۽ جيڪو مان مرتبو ۽ ھاڪ سنڌي ثقافتي ڏھاڙي کي نصيب ٿئي ٿي اھا ٻئي ڪنھن اھڙي ايونٽ جي حصي ۾ نه ٿي اچي، سنڌ ھڪ اھڙو ديس آهي، جتان سموري عالم کي انسانيت سان محبت جو پيغام مليو آهي،

اھا ئي سنڌ آ پنھنجي،

 امن جند آ جنهن جي،

انھيءَ تي ساھ گھوري ڇڏ،

 امن ۽ پيار کي آڻي،

 ثقافت کي سنواري ڇڏ

جيڪڏهن ھن سھڻي ڌرتيءَ تي نظر ڊوڙائينداسين تہ سنڌ اھو واحد (ديس) صوبو آهي جنهن جو تسلسل ھزارين ورھين کان ھلندڙ آھي ۽ ھلندو پيو اچي، ھن سھڻي ۽ خوشبودار ڌرتيءَ تي عالم حافظ، مفتي اعظم، اولياء، پير بزرگ، علماء، صوفي مفڪر پيدا ٿيا ۽ ھونئن تہ سنڌي ثقافت جو پسمنظر ھزارين ورھين آڳاٽو آهي ۽ اجرڪ جي چٽساليءَ جا اھڃاڻ موھن جي دڙي جي ماڳ مان بہ مليا، مطلب تہ ھن ديس جا رھواسي صديون اڳ بہ پنهنجي خوشبودار مٽيءَ جي تھذيب ۽ ثقافت سان جسم ۽ روح جيان لازم ملزوم رھندا پئي آيا، اھڙي سگھاري تسلسل جو ڳانڍاپو تہ ڪنھن بہ ريت ٽٽي نہ ٿو سگهي جنهن جو مثال ھاڻي سنڌ واسي ھر سال جيان ھن سال به ملھايو ويو، سنڌ ھڪ اھڙو ديس آهي، جتان سموري عالم کي انسانيت سان پيار محبت جو پيغام مليو آهي، جتان ڪڏهن بہ ڪنھن جنگ، نفرت يا ڪدورت جي پکيڙ ناھي ٿي ھا اھو ضرور ٿيو آهي جو ھن ديس ۾ آيل ڌارين سنڌي قوم جي ايڪي کي نقصان رسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنھن لاءِ ڪڏهن برادري تڪرار ڪرايا ويندا آهن تہ ڪڏهن وري سنڌين جي عظيم تھذيب ۽ ثقافت تي چٿر ڪرڻ کان بہ نہ ڪيٻايو ويندو آهي پر اھو سنڌين جو ڀرپور قومي اجتماعي شعور آهي جو ھو پنھنجي متعصب دشمن کي بہ موٽ ۾ تعصب سان ڀريل جواب نہ ٿا ڏين پر پنهنجي ثقافت ۽ تھذيب سان اٿاھ چاھ، پيار ۽ پاٻوھ جو اظهار ڪري ھر سال ان تعصب پرستيءَ تي پر امن نموني ردعمل ظاهر ڪن ٿا، جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ھن ديس ۽ ھن ديس جي پرامن رهواسين سان روا رکي وئي آهي، اڄ سموري سنڌ مان ڪروڙين آواز بلند ٿي حق، سچ ۽ سونهن جو ھڪ پڙاڏو پيدا ڪندا، جيڪو عمل انھن سمورن تعصبي عنصرن جي سيني تي واھولي جي وار جيان محسوس ٿيندو آھي، بھرحال سنڌي قوم پنهنجي ثقافت سان اڻ کُٽ پيار ڪري ٿي ۽ نينھن جي نڀاء جو اھو سلسلو قيامت تائين جاري رکيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سنڌين جي اجتماعي شعور اڳيان تعصب جي ڪا بہ حيثيت باقي نه ٿي رهي.

            farooqburiro9@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو