سنڌين سان ورهاڱي کان پوءِ ڇا ٿيو؟ محسن جويو

آگسٽ 1947ع کان پوءِ هتي عجيب واقعا نروار ٿيڻ لڳا. سنڌ جا مسلمان، ڪيترن سئو سالن کان گڏ رهندڙ هندو ڀائرن، دوستن ۽ سڄڻن کي، پنهنجي حفاظت ۾ دلاسن سان ۽ پنهنجائپ وارا احساس ڏياري، ڀاڪر پائي، روئي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي، واپس ورڻ جي آسرن ۾ الوداع چئي رهيا هئا؛ ته ٻئي پاسي هندستان مان ايندڙ پناهه گيرن کي، ريلوي اسٽيشن تي دل ۽ جان سان آڌرڀاءُ چئي رهيا هئا. شايد دنيا جي تختي تي اهڙي لڏپلاڻ يا ٻئي ملڪ منجهان آمد نه ٿي هوندي، جتي ملڪ جا ماڻهو ويندڙن سان روئي موڪلائين ۽ ايندڙن مان به ارها نه هجن. اهو جذبو هتي جو عام رهاڪو جو هو، جيڪو سادگيءَ جي معراج جو مثال هو,جنهن ڪنهن سان نفرت ڪرڻ سکي ئي ڪانه هئي. جيڪو ’آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ واري عمل تي ويساهه رکندو هو، جيڪو رضا تي راضي رهڻ وارو هو ۽ جنهن پنهنجن وڏن کان به ڪنهن لاءِ نفرت جو سبق نه سکيو هو. پهريون ڀيرو هندوئن جو انگ ٽيهه سيڪڙو مان گهٽجي چار سيڪڙو رهجي ويو.ضلعي حيدرآباد جي 1931ع ۾ آدم شماري ڇهه لک ٻاهٺ هزار 924 ماڻهن تي مشتمل هئي، جنهن ۾ 1941ع تائين اضافو ٿيندي اهو انگ ست لک اٺونجاهه هزار 748 تي پهتو. ٻئي پاسي، پنجانوي سيڪڙو گهٽجي وڃي ڏهه هزار 135 تي پهتو. جڏهن ته 1951ع جي آدمشماري مطابق حيدرآباد جي ڪُل آبادي ٻه لک ايڪتياليهه هزار هئي، جنهن ۾ هندستان کان لڏي آيل پناهگيرن جو انگ هڪ لک سٺ هزار هو، يعني انهن جي آبادي ڇاهٺ سيڪڙو وڃي بيٺي. اهڙي ريت، حيدرآباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، ڏهن سالن جي عرصي ۾ مقامي سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ گهٽجي ويو ۽ پناهگيرن جو انگ وڌي ويو. هوڏانهن 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ کاڌي پيتي جي شين، ڪپڙي، کاڌي، ٿانو ٺاهڻ، شيشو، مُصلا، رڱائي، ڪاشي، سون، چاندي ۽ جڙاوت توڙي زري جي ڪم جا اٽڪل 151 ڪارخانا قائم ٿيل هئا، پر 1948ع انهن جو انگ گهٽجي وڃي اُڻهٺ بيٺو. جنهن ۾ ساندهه گهٽتائي ايندي وئي، نيٺ 1957ع ۾ وڃي اهو انگ چوويهن تي پهتو. جنهن ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻي بازار ۾ کاڌي پيتي جي ڪيترن ئي شين جي مسلسل کوٽ ۽ سندن قيمتن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. هندن جي وڃڻ ڪري شهر ۽ وستيون سڀئي خالي ٿي ويون. هتي جي عام مسلمان جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو گمان نه هو ته ايئن خالي پيل محلاتن جهڙا گهر  ۽ سڄي بازار، جيڪي لاوارث پيل دڪان، والارجن يا قبضو ڪري ويهن. پاڻ هزارن لکن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن مثالن ۾ به اوسي پاسي جي ماڻهن، اهڙن قبضي ڪندڙن کي ننديو ۽ اهو به چيو ته: بابا پرائي شيءِ نيٺ پرائي آهي. اسين ڪيئن ڏاڍ مڙسي ڪري اهي گهر يا دڪان ڦٻائي ويهنداسين. ڪي اهڙا به ماڻهو هئا، تن چيو پئي: غلط ڪم هميشه غلط هوندو آهي. اڄ ديوانن جا دڪان ۽ گهر کولي، تالو ڀڃي ويهي رهون ٿا. پر ٻُڌو ڪونه ٿو ته واڻيو ۽ سيارو ڪسر نه ڇڏيندو آهي. سو بابا اُهي ديوان موٽي ايندا ۽ پوءِ پوليس چڙهائي سڀ ڪجهه مال واپس وٺندا ۽ وياج به ڪونه ڇڏيندا. واڻين جا هانوَ  ڦاٽي پوندا. هيڏا ڀريل ڀڪيل گهر ۽ واپار ڇڏڻ تي، اسان کي ويساهه ڪونه ٿو اچي. پوءِ، 1947ع کان 1960ع تائين هڪ عجيب دور هليو. 1947ع کان پوءِ شهرن ۾، اُڀرندي ۽ اُتر کان ريل گاڏيون ڀرجي پهتيون هيون ۽ ڏکڻ کان سامونڊي جهاز ۽ هوائي جهاز ڀرجي بندرگاهه تي پهتا هئا. حيدرآباد جا سمورا اسڪول پناهگير ڪئمپون بڻجي ويا.

Photo social media

هندستان مان لڏي آيل پناهگيرن جي صورت ۾ لکن جي انگ ۾ اچي پهتا ۽ شهرن ۾ آبادڪاري شروع ٿي.پناه گير مهاجرن کي خالي گهرن جون چاٻيون مليون ۽ جتي چاٻيون نه هيون،  اتي تالا ٽوڙيا ويا. شهر ۾ نعره تڪبير  الله اڪبر، مسلم ليگ زنده باد ۽ اسلام جا نعرا ڦهليل هئا. هڪ نئون مذهبي سماج پنهنجي جوڙجڪ جي مرحلن ۾ هو. سنڌ جو مسلمان، تاريخ جي هن موڙ تي به خاموش تماشائي وائڙو هو. پر عام طور تي ماڻهو سرها هئا ته هاڻي سنڌ سڄي اسلام جي پوئلڳ ٿيندي ۽ اسلامي قاعدا ۽ قانون لاڳو ٿيندا. حيدرآباد شهر جي ريلوي اسٽيشن تي ڏاڍي گهماگهمي هئي. هندستاني مسلمان پناهگير نه رڳو پليٽ فارمن تي سٿيل هئا، پر اسٽيشن جي چوڌاري کليل ۽ ڍڪيل جڳهين تي ٻارين ٻچين لٿل هئا. اسٽيشن جي سامهون پراڻي راڻي باغ منجهه سموري ايراضي تي پناهگيرن جا ڪٽڪ اچي مڙيا هئا. مڪاني سياسي ۽ سماجي ورڪز سڀني ڪٽنبن کي هندن جي خالي ڪرايل عمارتن منجهه آباد ڪرڻ ۾ رڌل هئا. سندن ذهنن ۾ اسلامي ڀائيچاري ۽ هڪ نئين مذهبي سماج ۽ ايندڙ دور جا خواب سمايل هئا.  پر ان سان گڏ ڪيترن هندو دوستن، پاڙيسرين ۽ ٻين واقعن جون يادگيريون پڻ سمايل هيون. سندن چڱاين، يارين دوستين ۽ گڏ گهاريل ڏينهن ۽ واقعن کي ياد ڪري چوندا هئا، ته يار ديوان ڪيڏانهن ويندا. ههڙيون عمارتون، دڪان ۽ ٿڌيون هوائون ڇڏي ڪيئن سک سان ويهندا. نيٺ اباڻي پارَ موٽندا. اسٽيشن ۽ ٻين ڪئمپن تي چوويهه ڪلاڪ ميلي جيان گپا گيهه لڳل هئي ۽ شهر جا سرنديءَ وارا روز ديڳين تي ديڳون لاهيندا هئا، ته جيئن لُٽيل ڦُريل آيل ڀائرن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري سگهن. ٻيا عام ماڻهو، پاڙن منجهان چندا ڪري، کاڌي پيتي جو سامان، لٽو ڪپڙو ۽ ٻين روزمره جي گهُرجن وارين شين کي ڪئمپن تائين پهچائيندا هئا. شهر جا گهر ۽ ڇڏيل ڪاروبار ، امانت باسلامت طور پناهگيرن کي ڏنا ويا يا سرڪاري قاعدن قانونن هيٺ ڪنهن به سنڌي کي شهر ۾ ڪا ملڪيت يا جاءِ، بنگلو خريد ڪرڻ جي اجازت نه هئي، اهي ملڪيتون اڳ ئي پنهنجن نون مالڪن جي اوسيئڙي منجهه بند هيون. شهر جا سمورا پاڙا جتي هندن جي اڪثريت هئي، اُتي هندن کان به ٻيڻ ٽيڻ تي مسلمان پناهگير اچي پهتا هئا. جتي هڪ وڏي گهر ۾ هڪ هندو سيٺ ۽ سندس ٽي پرڻيل پُٽ رهندا هئا. ته هاڻي اهو شاهي گهر چئن پناهگيرن ڪٽنبن کي الاٽ ڪيو ويو هو. هيرآباد، عامل ڪالوني، تلڪ چاڙهي ۽ ان جي اوسي پاسي وارو علائقو، سري گهاٽ ۽ ان کان وٺي قلعي تائين ميل ڏيڍ ڊگهي بازار اچي ٻنهي پاسن جي گهٽين ۽ ان ۾ آباد پاڙن تي، پناهگيرن جو قبضو ٿي چڪو هو. ويسٽ ڪچي واري ايراضيءَ ۾ به اڪال ڀونگي واري ايراضي، پوهه کياڻي بلڊنگ، لجپت راءِ روڊ، ڇوٽڪي گهٽيءَ جي هيٺ ٻنهي پاسن ۽ چاوڙي جي سامهون وارن گهرن، توڙي فوجداري روڊ اسٽيشن تائين علائقا سڀ والارجي چڪا هئا. شهر جي اڀرندي حصي منجهه پڃرا پُور ۽ ٺوڙهي چاڙهيءَ جي هيٺ ٻنهي پاسن کان تاراچند اسپتال، کاتو چوڪ، نشاط سئنيما ۽ ڪئپٽل سئنيما ۽ ٽئين نمبر تلاءُ وارن علائقن ۾ به ڳتيل آبادي وجود ۾ اچي ويئي. ڦليلي واهه جي اوڀر پاسي سڄي آبادي خالي ٿي چڪي هئي، سواءِ مرزائن جي ٽنڊي ٺوڙهي، ڀٽين جي ڳوٺ ۽ ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ گهرن جي. اُتي به سمورا پاڙا ڀرجي ويا. سڄي شهر جي آبادي 1947ع جي مقابلي ۾ ٽيڻ چوڻ تي ٿي پئي. تنهن هوندي به پناهگير  لڳاتار ريلن ۾ ڀرجي ايندا رهيا. 55-1954ع ڌاري سنڌ حڪومت حيدرآباد جي اولهه ڏکڻ ۾، اميدن ڀرئي جي درگاهه کان ٿورو پرڀرو، ريلوي لائين جي ٻئي ڀر هڪ ٻئي شهر اڏڻ جو پروگرام رٿيو. شهر جو نالو شاهه لطيف آباد رکيو ويو. ٽالپر حاڪم گهراڻي جي هڪ فرد پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين انهيءَ نيڪ مقصد لاءِ حڪومت کي سوکڙي طور ڏني ۽ نئون شهر اڏجڻ لڳو. اهڙي طرح ميمڻ پاڙي کان هيٺائين   علائقي منجهه پڻ لياقت ڪالوني آباد ٿيڻ لڳي. جيڪا ڦليلي جي ساڄي ڪپ سان وڃي لڳي. شهر جي اصلوڪين سنڌين جا اُهي ئي پاڙا ۽ گهٽيون ۽ ڪٿي ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ گهر رهيا ۽ پوءِ ايئن ٿي ويو جيئن اڳ ۾ هو. يعني 1947ع کان اڳ ۾ جيڪو سنڌي وچولو طبقو سنڌ جو شعور موڪلائي ويو ۽ هتي هڪ نئين مذهبي لساني  وچولي طبقي جو بنياد پيو. 1960ع کان پوءِ ايئن ٿيو جو شهر جي ميونسپالٽين ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ مسلمانن جا اُهي ئي ڪجهه ميمبر رهيا، جيڪي اڳ هندن جي زماني ۾ هوندا هئا. شهر جي دڪانن، عام جڳهين، سئنيمائن، چوڪن، آفيسن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا بورڊ سڀ اردو ۾ لکجڻ لڳا ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل پراڻا بورڊ يا ڀتين تي سونهري قول يا ته هٽايا ويا يا وري وقت سا گڏ ميسارجي ويا يا وري نيئن رائج ٿيل ٻولي ۾ لکيا ويا.سنڌي ٻولي کي ختم ڪيو ويو . ريڊيو تان اردو پروگرام، ڊراما ۽ فلمي گانن جا فرمائشي پروگرام عام ماڻهن جي وندر ۽ ڄاڻ لاءِ وڏا ذريعا هئا. ريڊيو ۽ فلم سنڌ جي ڪلچر تي وڏو اثر ڇڏيو. گڏوگڏ اردو پڙهيل لکيل ڇوڪرين جي سماجي زندگي ۾ سماج ۾ هڪ عجيب وڻندڙ ڇڪ هئي. گهڻا پڙهيل لکيل يا زميندار ۽ پير مير نئين دور جون پڙهيل ڇوڪريون پنهنجي گهرن ۾ آڻڻ لڳا. ايئن گهرن ۾ اردو، باقاعدي داخل ٿي، نه ته سنڌي گهرن ۾ اردو، ريڊيو يا اخبارن وسيلي داخل ٿيندي رهندي هئي. اردو ڳالهائڻ، پڙهيل ڳڙهيل، ۽ مهذب گهرن ۽ فردن لاءِ فخر ۽ وڏماڻهپي جي نشاني بڻجي پيو. اسڪولن ۾ جتي سنڌي لازمي مضمون هو، اتي اردو، قومي زبان جي حيثيت ۾ هئڻ ڪري، پڻ لازمي مضمون طور رائج ٿي. اردو حاڪمن جي زبان هئي. سڄي آفيسر شاهي هندستان مان آيل هئي، تن سڀني کي يا ته انگريزي زبان آئي ٿي يا اردو، انهيءَ ڪري اردوءَ کي سڄي ملڪ جي قومي زبان بنايو ويو. هوڏانهن قاسم آباد، حيدرآباد شهر جي اُتر اولهه ڪُنڊ تي، ديهه ڄامشوري، ديهه سري ۽ درياهه جي بند سان لڳ هڪ وستي آباد ڪيل آهي. شهر جي تنظيم ڪندڙن جو اهوئي خيال هو ته حيدرآباد شهر جي سوڙهين گهٽين ۽ پاڙن کان ماڻهو ٻُوساٽجي پيا هوندا ۽ جيڪو ڪٽنب سوڙهه ۽ گهُٽ محسوس ڪري، سو ڀلي قاسم آباد جي ڪشادي، کليل ۽ رٿابندي سان وسايل ماحول ۾ آرام ۽ سک جا ساهه کڻي ۽ شهري زندگيءَ جون سهولتون ماڻي. پر ايئن نه ٿيو. بلڪ ٿيو ايئن جو 1988ع جي لساني فسادن کانپوءِ، سنڌي ماڻهو عزتون ۽ سر سلامت کڻي ڀڄڻ ۾ پورا هئا، پر پوءِ به کين ڳولهي ڳولهي ماريو ويو ۽ شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. (هي مضمون واٽس ايپ تي سرڪيوليٽ ڪري رهيو هو، خبر ناهي ته ڪنهن اخبار ۾ شايع ٿيو آهي يا نه خبر هجي ها ته ان اخبار کي به ڪريڊٽ ڏيندي سندن حوالي سان شايع ڪريون ها. هن مضمون ۾ اهم ڄاڻ ڏنل آهي ان ڪري سنڌيار ۾ شايع ڪيو وڃي ٿو….ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو