سنڌين جي داخلا تي بندش تي ڊائو ڪالج تي عدالت جي ڪاوڙ، جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي داخلائون نه ڏيڻ  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائو يونيورسٽي جي داخلا پاليسي 28 جنوري تي طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم سومر تي سجاول جي شاگردياڻي  شارقا مگسي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وڪيل ٻڌايو ته  رڳو  ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن کي ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، فارميسي ڊي شعبي ۾ داخلا ڏئي سگهجي ٿي ۽ اهڙو فيصلو  يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ پاران ڪيو ويو  آهي. جنهن تي جسٽس محمد علي  مظهر  يونيورسٽي انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪراچي جي يونيورسٽي ۾ رڳو ڪراچي جي شاگردن کي داخلائون ڏيندا ته پوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن جا شاگرد ڪيڏانهن وڃن؟.  عدالت ڊائو يونيورسٽي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪجهه عرصو پهريان ٻين صوبن جي شاگردن پاران ڪراچي ۾ داخلا لاءِ درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي چيو ويو هو ته پهريان سنڌ جي ٻارن کي داخلا ڏينداسين پر هاڻ چئي رهيا آهيو ته  ڪراچي جي يونيورسٽي ۾ رڳو ڪراچي وارن کي داخلا ڏني ڏيندي؟.  جنهن تي ڊائو يونيورسٽي جي وڪيل عدالت کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته هر ڊويزن جون ڌار ڌار يونيورسٽيون هونديون آهن ۽ ٻين ضلعن جا شاگرد لاڳاپيل ڊويزن جي يونيورسٽي سان رابطو ڪري سگهن ٿا جنهن تي عدالت چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن جا شاگرد جيڪڏهن ميرٽ جي بنياد تي  ڪراچي جي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ چاهن ٿا ته انهن کي داخلا ڏيڻ کان ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو؟. جنهن تي ڊائو يونيورسٽي جي وڪيل عدالت کي ٻين ضلعن جي شاگردن کي ڊائو يونيورسٽي ۾ داخلا ڏيڻ بابت انتطاميه کان وڌيڪ هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي. ان موقعي تي درخواستگذار شاگرد جي وڪيل احمد علي گهمرو پاران  اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊائو يونيورسٽي جي داخلا پاليسي يونيورسٽي ايڪٽ 2004ع جي خلاف ورزي آهي.  اسان کي داخلا ٽيسٽ ۾ ويهڻ جي به اجازت نه ڏني وئي آهي جڏهن ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ ميرٽ تي داخلا اسان جو حق آهي. هن چيو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ايم بي بي ايس سميت ڊي فارميسي ۽ ٻين شعبن ۾ داخلا لاءِ سنڌ جي سمورين ڊويزنن جو ڊوميسائيل رکندڙ اميدوارن کان درخواستون گهرايون جنهن تحت سجاول جي رهواسي شارقا مگسي پڻ ڊي فارميسي لاءِ فارم ڀريو جنهن جي ٽيسٽ 24 نومبر تي ٿي پر ان ٽيسٽ ۾ درخواستگذار کي رڳو ان ڪري حصو وٺڻ کان روڪيو ويو ته سندس ڊوميسائيل ڪراچي جو نه هو. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊائو يونيورسٽي جي انتظاميه پاران سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن جا فارم قبول ڪرڻ ان پاران ڏنل اشتهار واري پاليسي جي خلاف ورزي آهي جنهنڪري ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه کي اشتهار مطابق درخواستگذار جو فارم قبول ڪرڻ ۽ ان کان ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم ڏنووڃي. 

پهنجو تبصرو موڪليو