سنڌيار جي ويب سائيٽ ڊائون ٿيڻ تي پڙهندڙن کان معذرت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسين پنهنجي پڙهندڙن کان معذرت خواهه آهيون، ڇو ته اسانجي ويب سائيٽ هوسٽ ڪندڙ ڪمپني هوسٽر پي ڪي ڊاٽ ڪام جا پارٽنر پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن، اها ڪمپني ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. جنهن سبب اڪثر سرور ڊائون ٿو رهي، بينڊ وٿ جو مسئلو به آهي جنهن ڪري اسين ويب سائيٽ اپ ڊيٽ نٿا ڪري سگهون. ڪمپني جي اعلان موجب 8 ڊسمبر تائي اڃا ڪنهن ڪنهن مهل اهي ٽيڪنيڪل معاملا پيدا ٿيندا. هوسٽر پي ڪي جي دعويٰ آهي ته هو 50 هزار کان مٿي ويب سائيٽس هوسٽ ڪندا آهن.ڪمپني جي مالڪن جو غير پيشيوراڻو رويو ڏسي جلد ويب سائيٽ ٻئي انٽرنيشنل هوسٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ چاهيون ٿا پر ان ۾ به هو تعاون نٿا ڪن ۽ ڊومين ٽرانسفر ڪوڊ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. اسين ان معاملي تي قانوني ڪاروائي جو به سوچي رهيا آهيون. اسين پنهنجي پڙهندڙن کان هڪ ڀيرو ٻيهر معذرت ٿا ڪريون. اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن بعد بنا رنڊڪ جي 24 ڪلاڪ اپ ڊيٽ ڪرڻ واري سهولت بحال ٿي ويندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو