سنڌيارجي خبرتي پوليس ڪاروائي، ناحق باندي بڻايل آزاد

مٺي (لياقت نھڙيو)  تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ٻپراڙيو ۾ ڀائرن پاران سنگهرون ھڻي قيد ڪيل 50 سال جي سترام ميگھواڙ جي خبر سنڌ يار ۾  شايع ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد يار نوٽس وٺندي ڊي ايس  پي مٺي ھارون رشيد کي مو ڪلي باندي بڻيل ھمراھ کي آزاد ڪرائي ورتو. پوليس طبي معائني لا۽ سول اسپتال مٺي وٺي آئي، پوليس سندس ڀائرن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد يار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سترام کي آزاد ڪرايو آھي ۽ ميڊيڪل رپورٽ اڄڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪنداسين. جيڪي به مٿس تشدد ۾ ملوث ھوندا انھن کي قانوني طور سزا ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو