سنڌو ۾ چاڙهه، خيرپور ۽ سکر جا ڪچي واري علائقا ٻڏي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌو درياهه ۾ پاڻي مسلسل وڌڻ سبب ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، سکر ۽ خيرپور جي ڪچي وارا علائقا ٻڏي ويا آهن ۽ ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. ڪيترا ماڻهو ڦاٿل آهن. خيرپور مان سجاد علي ڪٻر موجب سنڌو درياهه  ۾ چاڙهه سبب ڪنگري جي ڪچي واري علائقن ۾ ڍنڍون, ڍورا تار ڀرجي ويا جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو به ڪٽجي ويو.سنڌو درياهه ۾ چاڙھ اچڻ کانپوءِ ڪنگري تعلقي جي ڪچي وارا علائقا ڪي ٽي پير صاحب پاڳارو, اڌوڀر,فيض محمد ٻنڊو, راکا لانڍيون,  ڪي ٽي جوڻيجا سميت  ٻيا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

Khairpur Kacha area, Photo Sindhyar

چاڙهه اچڻ ڪري ڍنڍو ڍورا تار ٿي وڃڻ کان پوءِ  ڪيترن ئي ڳوٺن گل حسن مڱڻيجو, جعفر ملاح  حضور بخش جوڻيجو, شاهنواز خروس, دلمراد خروس,  رجب شر, عزيز ناريجو برادي جتوئي سمصت ٻين هڪ سئو کان وڌيڪ  ڳوٺن جا مختلف شهرن خير پور,  سکر, پيرڳوٺ, پريالوء  ۽  ٻين  شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي جنهن سبب علائقي جا ماڻهون سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن انتظاميه پاران ڪنهن به سار نه لڌي آهي.***سکر مان جيئرام داس موجب سنڌو دريان ۾ پاڻي جو چاڙھ مسلسل وڌي رهيو آهي گڊو ۽ سکر بيراج تي ننڍي ٻوڏ برقرار آهي.گذريل24 ڪلاڪن دوران سکر بيراج تي 10 گڊو تي 11  ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 40 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. سکر بئراج جي ساڄي پاسي وارا دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال هڪ دفعو ٻيهر بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته روهڙي ڪئنال کي صرف 27 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، سکر ۽ گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ اچڻ جو سلسلو جاري آهي ، سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ وارا وهڪرا برقرار آهن.

Sukkur Barrage upstream, Photo Sindhyar

منگلا ڊئم ۽ تربيلا ڊئم مڪمل ڀرجڻ کانپوءِ اتان جو پاڻي ڪڍڻ وارو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته چناب ۽ جھلم درياهه جي پاڻي وارا وهڪرا ٽمونهن وٽ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن،  چاچڙان گيج 7.40 فوٽن مان 9 فوٽن تي پهچي وئي آهي، جنهن ڪري امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته ڪوهه سليمان جي پهاڙن تان لهندڙ پاڻي جي سلسلن سبب درياءَ ۾ وڏي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي، 5 سيپٽمبر تائين گڊو ۽ سکر بئراج وٽ وچولي ٻوڏ جا واضع امڪان آهن، سکر ۽ گڊو بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا 2 لکن کان وڌڻ سبب ڪچي ۾ ڍنڍون ۽ ڍورا پاڻي سان ڀرجي ويا آهن ۽ پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڪيترن ئي ڪچي جي ڳوٺن کي پاڻي جي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جنهن سبب انهن جو شهرين سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، سنڌو درياءَ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ بعد  گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 2 لک 67 هزار 664 ڪيوسڪ ،۽ هيٺانهون 2 لک 81هزار 664 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 2 لک  17هزار 750ڪيوسڪ، ۽ هيٺانهون 2 لک 15ھزار 50 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو ھڪ لک  48 هزار  587 ڪيوسڪ ، هيٺاهون وهڪرو ھڪ لک  47هزار 772 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو