سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ باوجود اڪثر واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي؟

عبدالمجيد بروھي 

اسين هڪ پاسي اهي خبرون ٻڌون پيا ته سنچو درياهه ۾ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي ته اتر سنڌ ڱان ڏکڻ سنڌ جي اڪثر شهرن جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ناهي ۽ آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن. بلوچستان وارا سنڌ حڪومت تي پاڻي چوري جو الزام هڻي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي بد نظمي ۽ ناڪامي جو سوال پيدا ٿئي ٿو. اهو ٺيڪ آهي ته پنڪاب سنڌ جي حصي کي گهٽ پاڻي ٿو ڏئي پر جيڪو ملي ٿو ان جي منصفاڻي ورهاست ۾ سنڌ حڪومت ناڪام نظر اچي پئي. ھن وقت آگسٽ مھينو جو ارڙهون ڏھاڙو آھي ھن وقت تائين قمبر ضلعي سميت سنڌ جي اڪثر واھن شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ تي حڪومت ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام بڻيل آھي سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر قمبر شھدادڪوٽ ضلع ۾ پڻ ھن وقت پنجاھ کان سٺ سيڪڙو زمينون رونبجي نه سگھيون آھن ھاري ۽ آبادگارن سخت مونجھاري جو شڪار آھن سندن پوري سال جو گذر سفر ساريالي فصل تي ٿيندو آھي پر ھن وقت سارين جي مند کي پڻ بريڪ لڳڻ تي آھي پر ھتان جا آبپاشي عملدار ھيٺين سطح کان وٺي ھارين ۽ آبادگارن کان پيسا طلب ڪري رھيا آھن پيسا نـ ڏيڻ جي صورت ۾ کين اھو چندا  وتن ٿا تـ پيسا نـ ملندا تـ پاڻي بـ نـ ڏينداسين عوام ھن وقت سراپا احتجاج بڻيل آھي ھاري آبادگار روز ڪٿي نـ نٿي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري مين روڊ نيشنل ھاء ويز کي بلاڪ ڪري پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻا ھڻي رھيا آھن پر تنھن باوجود ھن وقت تائين ڪوبـ کڙتيل ناھي نڪتو ننڍا آبادگار جيڪي بي يارومددگار آھن انھن سان ظلم جاري آھي وڏن آبادگارن کي پيسن عيوض پاڻي مليل آھي قمبر شھدادڪوٽ جي وارھ نصيرآباد قبوسعيد خان سجاول جوڻيجو قمبر تعلقن ۾ ھن وقت آگسٽ مھينو ھلڻ باوجود ھاري آبادگار پنھنيجي ٻيڄاري کي جھٽو ھڻي پاڻي ڏيڻ لاء مجبور آھي سٺ سيڪڙوـزمينون بنجر بڻجڻ جوـخدشوـآھي باقي چاليھ سيڪڙو اھڙا آبادگار آھن جيڪي پنھنجي زمينن کي آبادڪرڻ جي لاء انجڻون ۽ وڏا موٽر پائيپ ھڻي زمينون ڀرائي زمينون آباد ڪري رھيا آھن جن جو پڻ ھزارين روپيا خرچ اچي چڪو آھي جيڪي پڻ پريشانين ۾ ورتل آھن تـ ھاڻي ڇا ٿيندو پاڻيـجي کوٽ خلاف اڄ کان ٽي مھينا جڏنھن پ پ پ قيادت پاران پريس ڪانفرنس ڪري اھو چيو ھيو تـ ارسا ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي نٿا ڏين ۽ جيڪوـپاڻي ڇڏي رھيا آھن ان مان بـ بندش پيل شاخن تونسا ۽ چشما جھلم لنڪ ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪن پيا جنھن خلاف پوري سنڌ ۾ پ پ پ پاران احتجاج ڪري ڌرڻا پڻ ھنيا ويا ھيا پر ان وقت تمام ٻين سياسي ۽ـقومپرست پارٽين ان ڳالھ کي پ پ پ جي سياسي چال سمجھندي نظر انداز ڪيو ھيو ۽ پ پ پ سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جو الزام ھنيو ھيو جنھن سبب ۽ پنھنجن جي پٺڀرائي سبب پنجاب حڪومت مسلسل پنجونجاھ ڏينھن تائين سنڌ جي حصي مان پاڻي چوري ڪندا رھيا سنڌ ۾ پاڻي پورا پنجونجاھ ڏينھن دير سان ڇڏيو ويو اھو بـ ڪافي گھٽ مقدار ۾ پوء جڏنھن پاڻي سنڌو ۾ پنجونجاھ ڏينھن بعد ڇڏيوـويو تـ ان بعد سنڌـجي آبپاشي عملدارن جي ڪرپشن ۽ نااھلي جي صحي نموني ورڇ نـ ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جو بحران وڌڻ لڳو ۽ عوام پاڻي خاطر روڊن تي نڪري اچي احتجاج ڪري ڌرڻا ھنيا ويا جيڪي احتجاج اڄ بـ جاري آھن قمبر ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب پاڻي جي ڪري سالن کان امن ۽ ڀائيچاري سان رھندڙ اڄ پاڻي خاطر ھڪ ٻئي سان وڙھي رھيا آھن جنھن سبب جاني نقصان پڻ ٿيا آھن ھن وقت سنڌ جو درد رکندڙ سنڌ حڪومت کي ذميدار قرار ڏين پيا پر جيڪڏھن اھي ساڳيا ماڻھون ان وقت پ پ پ سان گڏجي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪن ھا تـ شايد اڄ صورتحال ڪافي بھتر ھجي ھا بحرحال ھن وقت قمبر ضلعي  جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ جو سبب آبپاشي کاتو آھي ڇو تـ ھن وقت  ڀلي پاڻي دريا  ۾ دير سان پھتو آھي جيڪڏنھن ان باجود صحي نموني سان پوري سنڌ ۾ برابري جي بنياد تي تمام واھن شاخن ۾ پاڻي ڇڏيوـوڃي ھا ۽ واھن ۽ شاخن جي ريگيوليٽرن تي پوليس اھلڪار يا رينجرز مقرر ڪري انھن جي نگراني ڪرائين ھا تـ ھن وقت ڪٿي بـ پاڻي خاطر احتجاج نـ ٿين ھا ڇو تـ ريگيوليٽرن تي مقرر ڪيل عملو ڪرپٽ آھي جيڪي مٿان جي آبادگارن کان پيسا وٺي ھيٺين آبادگارن سان ظلم ڪندي ريگيوليٽرن جا دروازا ھٿ سان بند ڪندا آھن جڏنھن ڪو آفيسر وزٽ تي ويندو آھي تـ دروازا مڪمل کولي انھن کي چوندا آھن تـ سائين دروازا اوھان جي حڪوم موجب جيڪي انگ اکر اوھان ڏنا آھن ان موجب کليل آھن پر پوء جڏنھن اھي ڪامورا واپس ويندا آھن تـ اتي مقرر ٿيل ملازم وري دروازا بند ڪري پاڻي مٿين آبادگارن کي وڪرو ڪري ڏيندا آھن  ھن وقت وارھ نصيرآباد قبوسعيد خان جا ھاري آبادگار سخت پريشان آھن انھن جي پريشاني کي ڏسندي ۽ پاڻي چوري سميت پاڻي کوٽ کي ڏسندي اسين پڻ سخت پريشان آھيون ڇو صاف لڳي رھيو آھي تـ انھن مٿين تعلقن ۾ ھن وقت سٺ سيڪڙو زمينون آباد نـ ٿي سگھنديون جنھن بعد ضلع قمبر ۾ فاقا ڪشي وارو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو ۽ بک بدحالي  بيروزگاري ۾ اضافو پڻ ٿي سگھي امن امان پڻ بگڙي سگھي ٿو انجي ڪري وري بـ آبپاشي جا عملدار ھاڻي ڪرپشن کي ڇڏي ڪري عوام جي سک ۽ خوشحالي لاء۔  روزي رزق خاطر پاڻي ڪافي مقدار ۾ ڇڏي عوام کيـرليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ۽ بددعا وٺڻ بجاء ھارين جي دعا حاصل ڪري پنھنجي ٻارن کي بـ بدعاکان بچائي سڪون ڏين سڪون وٺن 

Brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو