ميرپورماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم قادرپور شينڪ بند، قادرپور لوپ بند ۽ او جي ڊي سي ايل حفاظتي بند جو دورو ڪري امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن پاران گڊو بئيراج وٽ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي انڪري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن حفاظتي بندن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. هن ٻڌايو ته احتياطي طور تي ڪچي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ نيامڻ لانڍي، شيردل ڪچوٻنڊي ۽ ڄام محمد علي لکڻ ۾ 3 ٽينٽ سٽي قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن ضرورت موجب متاثرن کي منتقل ڪري سگهجي. ان موقعي تي هن ڊائريڪٽر سيڊا کي هدايت ڪئي ته حساس حفاظتي بندن جي ڪم جي معيار کي بهتر بڻائي خصوصي طور تي نگراني ڪئي وڃي ۽ آبپاشي کاتي جي ملازمن جون موڪلون رد ڪري کين حفاظتي بندن تي مقرر ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان اڳ آبپاشي کاتي جي انجنيئر ڊپٽي ڪمشنر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ھن وقت گڊو بئيراج وٽان 5 لک 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو گذري رهيو آهي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر پاران ڊي ايڇ او ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آئي سميت ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ کي ليٽر لکي حفاظتي بندن سان ميڊيڪل ۽ وٽنري ڪئمپون قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29