سنڌحڪومت خون بها ادا ڪري37 قيدي آزاد ڪرائي ڇڏيا

ملير(دريا خان شر) سنڌ حڪومت صوبي جي مختلف جيلن ۾ قيد 37 قيدين جي خون بها جي مد ۾ 33 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪري کين آزاد ڪرائي ڇڏيو. قيدين جي خاندانن م خوشي، وارثن ۽ انساني حقن جي نمائندن پاران سنڌ حڪومت جي ساراهه. جيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسين آزاد ڪرايل قيدين جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، هو انتهائي غريب ۽ عادي مجرم ناهن. هن ٻڌايو ته آزاد ڪرايل قيدي مختلف عدالتن مان سزائون مڪمل ڪري چڪا هئا پر قتل، زخمي ۽ ٻين معاملن ۾ وڌل ڏنڊ جي رقم نه ڀرڻ سبب قيد هئا ۽ سنڌ حڪومت 33 ڪروڙ 95 لک 70 هزار روپيا ادا ڪري کين آزاد ڪرايو آهي. ملير جي وڪيل حيدرعلي حيدر چيو ته سنڌ حڪومت جو اهو تمام احسن قدم آهي ۽ مونکي ذاتي طور اهڙن قيدين جي خبر آهي جيڪي غريب آهن. آزادي ماڻيندڙ قيدين ۾ 10 ڄڻا ڪراچي سينٽرل جيل، 4 ملير، 13 حيدرآباد، 5 سکر، 4 لاڙڪاڻو۽ هڪ سانگهڙ جيل جو قيدي شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو