سنڌجي مختلف شهرن ۾حادثا ۽ واقعا 7 فوت 12 ڄڻا زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل حادثن، واقعن ۽ جهيڙن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نئون ڪوٽ ۾ بٺي جي مزدور کي موڪل گهرڻ تان قتل ڪري خود ڪشي جو رنگ ڏنو ويو، سانگهڙ ۾ ٿريشر ۾ ڦاسي درائيور فوت ٿيو، ٽنڊو غلام حيدر حادثي جي زخمي عورت فوت، نينگر جو قاتل سوٽ نڪتو. ***رتوديرو مان فدا حسين لاشاري موجب شهدادڪوٽ روڊ تي پوليس چوڪي وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿيڻ بعد ڳچل پل جي ڪناري سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار چار ڄڻا بشارت علي پٽ قربان علي ڪلهوڙو، عابد علي پٽ لک مير سناڻي، مختيار علي پٽ نور محمد سناڻي، گلزار علي پٽ محمد جان سناڻي زخمي ٿي پيا.

جن کي ڳوٺاڻن تعلقه اسپتال رتوديرو پهچايو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي نوجوان بشارت علي پٽ قربان علي ڪلهوڙو فوت ٿي ويو. فوتي ڳوٺ وليدادگابر جو رهواسي ۽ زخمي 3 ڄڻا ڳوٺ وڏا سناڻي جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا.***نئون ڪوٽ مان پيارعلي نھڙيو موجب ٽالهي پوليس جي حد ڳوٺ غلام قادر گشڪوري ۾ حيات پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ تعلقي مٺي جي ڳوٺ سامي جي وانڍ جي رهواسي غريب پورهيت چاڳلو ميگهواڙ سرن جي بٺي تي ٺهيل جهڳي اندر مبينه طور خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

علائقي ۾ هلندڙ چئو ٻول آهن ته غريب پورهيت کي بٺي منشي ۽ مالڪ قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏنو آهي مزدور چاڳلو ميگهواڙ بٺي مالڪ کان گهر وڃڻ لاءِ موڪل وٺڻ تي زور ڀريو جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي بٺي مالڪ ۽ منشي  گڏجي قتل ڪيو آهي .هوڏانهن ٽالهي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ ڪنري آندو.***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي سيوهڻ بينڪ مان پينشن کڻي مائٽن ڏانهن پيادل ڳوٺ ڳاڙھي واري  ويندڙ پيرسن ريلوي ريٽائرڊ ملازم 66 ورهين جو مانجهند واسي  لکمير خاصخيلي کي رڪشا ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.***ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب ڳوٺ غلام محمد ڪلر ۾ 3 ڏينهن پهرين 9 ساله معصوم نينگر ارشاد علي ڪلر پٽ رمضان ڪلر جو گهر ۾ ٽنگيل لاش وارو معمو حل ٿي ويو آهي. گرفتار ڪيل سندس سوٽ راشد ڪلر پوليس وٽ کيس قتل ڪرڻ جو ڏوهه باسيو آهي. هن چيو ته مقتول سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪيو ويو. هڪ جوابدار خليل چانگ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو پر هو فرار ٿي ويو جنهن سبب عيوضي ۾ سندس پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو آھي.***ميرپور خاص مان بشير شاهه موجب سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏهروڙو موري تي بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ واٽر ڪورس جي کوٽائي تان جهيڙو لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻنهي  ڌرين جا ٻن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جن ۾ ھڪ ڌر ميھر، پرويز، غفار، جاويد، ٻئي ڌر جا رضا محمد، عبدالمجيد، عبدالرحمان، ناز بانو، روبينه بروھي زخمي ٿي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي سول اسپتال ميرپورخاص  منتقل ڪيو، واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو نه ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي.*** سانگهڙ مان نادر بڙدي موجب چوٽياريون ٿاڻي جي حد لٽڪو موري ڀرسان 23 سالا نوجوان ڪڻڪ جي ٿريشر ۾ ڦاسڻ سبب فوت ٿي ويو آھي جنهن جي لاش کي سول سانگهڙ پهچايو ويو فوتي سڃاڻپ نياز محمد بگٽي طور ٿي. فوتي نوجوان ٽريڪٽر جو ڊرائيور هو، پٽو ٺيڪ ڪندي ڦاسي پيو. ***ٽنڊو غلام حيدر ميرحسن رند موجب نظرپور موڙ حيدرآباد بدين مين روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻن عورتن مان هڪ سوني زال واگهو ميگهواڙ زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد سول اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو.

***سکر مان جيرام داس موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شمس آباد واري علائقي ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران زخمي ٿيل 40 سالن جو الهه رکيو انصاري زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال سکر ۾ فوت ٿي ويو آهي. پوليس مڱڻهار برادري جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو