سني ديول وزير ٿيڻ بعد معاوضو 5 ڪروڙ ڪري ڇڏيو

ممبئي(م ڊ) بالي ووڊ اداڪار سني ديول وزير بڻجڻ کانپوءِ پنهنجي فلمن جو معاوضو وڌائي 5 ڪروڙ روپياا ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سني ديول پنهنجي ايندڙ فلم فتح سنگهه لاءِ 5 ڪروڙ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته فلم ٺاهيندڙن لاءِ ايترو معاضو ڏيڻ آسان ناهي ان ڪري هو سني ديول کي فلم کان الڳ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن. شوبز نيوز مطابق هدايڪتار راجڪمار سنتوشي جي فلم جي گهڻي قدر شوٽنگ لنڊن ۾ ٿيڻي آهي جڏهن ته فلم ۾ وزوئل ايفيڪٽ جو استعمال به ڪيو ويندو جنهن سبب پهريان ئي فلم جي بجيٽ ۾ 15 کان 18 ڪروڙ تائين واڌ ٿي وئي آهي، سني ديول کي پنج ڪروڙ جو معاوضو ڏيڻ پروڊيوسر جي وس جي ڳالهه ناهي ان لاءِ هن فتح سنگهه کي ڪنهن ٻئي اداڪار سان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فلم جا پروڊيوسر سني ديول جي جاءِ تي ڪنهن سائوٿ انڊين اداڪار کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ تي غورڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو