سنوڪر تي جوا کيڏڻ جي الزام ۾ 7 ڄڻا گرفتار

جروار (ن سنڌيار) گڙھي چاڪر ۾ پوليس سنوڪر کيڏندڙن تي ڇاپو هڻي جوا جي الزام هيٺ 7 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.جروار پوليس گڙھي چاڪر ۾ ھڪ دڪان تي ڇاپو ھڻي سنوڪر راند تي جوا کيڏندي محمد گبول محراب گبول مير حسن ۽ عاشق گبول سميت ستن ڄڻن کي گرفتار ڪري 4600 روپيا روڪ سنوڪر بال ،چار موٽر سائيڪلون،ھڪ موٽر رڪشا ۽ ھڪ يو پي ايس ۽ بيٽري ھٿ ڪري ورتا، جروار ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ گرفتارجوابدارن مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو