سنسني خيز مقابلي بعد ڪوئٽا جي ڪراچي کي شڪست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪوئٽا گليڊيئيٽرز ڪراچي ڪنگز کي دلچسپ مقابلي بعد 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي ڪنگز اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 156 رنز ٺاهيون. بابر اعظم ابتدائي اوورز ۾ نسيم شاهه بابر اعظم خلاف اپيل ڪئي ته الٽرا ايج سنيڪو ميٽر خراب ٿي پيو ۽ ٿرڊ امپائر اندازي تي ناٽ آئوٽ قرار ڏنو، جنهن بعد بابراعظم 5 چوڪا هنيا ۽ ٽائيمل ملز جي بال تي 26 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. شرجيل خان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ايلڪس هيلز آيو، شرجيل خان 12 بالن تي 6 رنز ٺاهي نواز جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿي ويو. ايڪلس هيلز هڪ چوڪي ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 27 بالن تي29 رنز ٺاهي محمد حسنين جا بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو.

ڪيمرپن ڊيلپورٽ ٻن چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 12 بالن تي 22 رنز ٺاهي سهيل خان جي بال تي نواز هٿان ڪيچ ٿي ويو. چيڊوڪ والٽن 4 بالن تي هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. افتخار احمد ٻن چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 18 بالن تي 25 رنز ٺهي نسيم جي هٿان حسنين جي بال تي ڪيچ ٿيو، عماد وسيم 10 بالن تي 8 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ڪرس جارڊن هڪ چوڪ ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 9 بالن تي 14 رنز ڄاهي ٽائيمل ملز جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿيو. اميد آصف 4 بالن تي ٻن چوڪن جي مدد سان 9 رنز ٺاهي حسنين جي بال تي بولڊ ٿيو. محمد عامر ناٽ آئوٽ رهيو. محمد حسنين 3، ملز 2 ۽ سهيل خان ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڪوئٽا طرفان جيسن راءِ ۽ شين واٽسن اننگ شروع ڪئي، جيسن راءِ 20 بالن تي هڪ چوڪي جي مدد سان 17 رنز ٺاهي عماد جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. شين واٽسن ٻن چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 20 بالن تي 27 رنز ٺاهي اميد آصف جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، احمد شهزاد 9 بالن تي ٻن چوڪن جي مدد سان 11 رنز ٺاهي عماد جي بال تي جارڊن هٿان ڪيچ ٿيو،  سرفراز احمد هڪ ڇڪي ۽ 2 چوڪن جي مدد سان28 بالن تي 37 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

اعظم خان ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 30 بالن تي 46 رنز ٺاهي محمد عامر جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. محمد نواز 3 بالن تي هڪ رن ٺاهي ايلڪس هيلز هٿان جارڊن جي بال تي ڪيچ ٿيو، انور علي هڪ چوڪو ۽ هڪ ڇڪو هنيو 4 بالن تي 12 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. لاهور قلندر ۽ اسلام آباد ۾ ميچ لاهور ۾ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو