سنجهورو فيلڊ انتظاميه خلاف زميندارن جو احتجاجي ڌرڻو

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي) سنجهوري آئل فيلڊ جي مقامي زميندارن فقير سبحان هڱورو، ستار وساڻ، چوڌري ثناور جٽ، عمران جٽ، شير علي جٽ، محمد اسماعيل وساڻ، چوڌري انور علي جٽ ۽ ٻين سانگهڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پلانٽ انتظاميا خلاف ڌرڻو هنيو ان دوران زميندارن چيو ته سنجهوري آئل فيلڊ ٺهڻ وقت ڏهن سالن جو معاهدو ڪيو ويو جيڪو جولائي 2020 ۾ پورو ٿي ويو، هاڻ پلانٽ انتظاميا کي اسان چئون ٿا ته هاڻوڪي ريٽ مطابق معاهدو ڪيو وڃي، ڏھ سال اڳ سون جي اگهه ۽ هاڻ جي اگهه ۾ ڪيترو فرق اچي ويو آهي، هر طرف مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، اسان غريب زميندار آهيون، پنهنجي زمين پلانٽ انتظاميا کي ڏني ته ٻچن جو ڀلو ٿيندو، آر سي او عبدالرحمن رند ريجنل آفيس حيدرآباد گهرائي ڌمڪي ڏيندي چيو ته او جي ڊي سي ايل جي مرضي مطابق زمين جو اگهه وٺو ٻي صورت ۾ نه پئسا ملندا ۽ نه وري زمين ،هنن چيو ته اسان پلانٽ جي زمين جا مالڪ آهيون، تيل انتظاميا جي ان غنڊه گردي کان نہ ٿا ڊڄون، هاڻ انتظاميا پلانٽ جي زمين خالي ڪري يا وري پلانٽ جو هاڻوڪي حساب سان مناسب اگهه ڏنو وڃي، هنن چيو ته پلانٽ روزانو ڏھ ڪروڙ رپيا ڪمائي ٿو، پر اسان کي معاوضو ڏيڻ لاء تيار ناهي، مقامي بيروزگارن کي نوڪريون به نه ٿيون ڏنيون وڃن، مقامي بيروزگارن کي نوڪريون به نه ٿا ڏين، پلانٽ انتظاميا اسان جي جائز مطالبن کي قبول نه ڪيو ته سڀاڻي (اڄ) کان پلانٽ بند ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو