سم نالي مان لاش هٿ، عورت جي خودڪشي ناڪام

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ سم نالي مان 40 ورهين جي اڻڄاتل  ملنگ  شخص جو  ڳريل لاش هٿ آيو آهي. جڏهن ته راڻيپور لڳ روحڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خود ڪشي ڪندڙ عورت کي بچايو ويوآهي. مانجهند مان نمائندي موجب سم نالي ۾ لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو،  صفائي عملي جي  ڪم ڇڏ هڙتال باوجود  پوليس هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد بعد لاش ڪڍي اسپتال آندو  جتي پوسٽ مارٽم بعد سرد خاني ۾ رکيو ويو ايس ايڇ او محمد صادق سولنگي ٻڌايو ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي فوتي ذھني مريض لڳي ٿو جنهن جي لاش کي ايڌي سينٽر  حوالي ڪري رهيا آھيون.****راڻيپور مان نمائندي موجب  روھڙي ڪينال ۾ نوجوان شادي شده  ناري ٽپو ڏيئي آپگھات جي ڪوشش ڪئي پر مقامي ماڻهن ناري جي زندگي  بچائي ورتي صحافين خود ڪشي ڪندڙ عورت کان بيان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته  سندس وارثن پاران صحافين کي روڪيو ويو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي پر وارثن پوليس کي ٿاڻي  تي هلڻ جو آسرو ڏئي ناري کي موٽر سائيڪل تي کڻي  فرار ٿي ويا ذريعن موجب ناري جو نالو گلشاد خاتون آھي  جيڪا   سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ غلام اڪبر لنڊ جي رھواسڻ ٻڌائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو