سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگار فورم پاران ڌرڻو

ٽنڊوباگو (رپورٽ ڄام سھيل سمون) ٽنڊوباگو جي سم نالن جي کانٽي نه ٿيڻ خلاف لاڙ آبادگار فورم پاران پيادل مارچ ۽ ڌرڻوٽنڊوباگو تعلقي جي 16 ايل، 16 اي ايل ۽ شيخ منظو سم نالن سميت 22 سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف لاڙ آبادگار فورم پاران نئون ماڻڪ واھ کان ٽنڊوباگو تائين سوين آبادگارن جو نصرالله جروار، سومار لنڊ، شاھجھان سمون ۽ ممتاز لنڊ جي اڳواڻي ۾ نئون ماڻڪ واه کان پيادل مارچ ڪري جھڏو ٽنڊوباگو روڊ تي پريس ڪلب چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جتي ڌرڻي کي لاڙ آبادگار فورم جي اڳواڻن نصرالله جروار، سومار لنڊ، رفاقت جروار، سڪندر لنڊ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بدين ضلعي ۾ 54 سم نالا آهن جن مان صرف 4 سم نالن جي کانٽي ٿي رهي آهي، جڏهن ته تعلقي ٽنڊي باگي جي 16 ايل، 16 اي ايل ۽ شيخ منظور سم نالن سميت 22 سم نالن جي گذريل 20 سالن کان وٺي کانٽي نه ڪرائي وئي آهي. هنن چيو ته هر سال برساتن جي موسم ۾ مٿين سم نالن کي گهارا لڳڻ ڪري سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچڻ ڪري سڙي ختم ٿي ويندا آهي جنھن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيندو آهي. هنن چيو ته ڊرينيج کاتي جا آفيسر هر سال سم نالن جي کانٽي جي نالي تي ڪروڙين روپيا کايو وڃن پر کائن ڪير پڇڻ وارو ناهي. هنن چيو ته ٽي مهينا اڳ ايريگيشن جي صوبائي وزير سهيل انور سيال ڏيئي ڀرسان قبول کٽياڻ جي ڳوٺ ۾ جلسي ۾ اعلان ڪيو هو ته بدين ضلعي جي سم نالن جي کانٽي لاءِ ٻه ارب روپيا جلد جاري ڪري بدين ضلعي جي سمورن سم نالن جي کانٽي ڪرائي ويندي، پر هاڻي انهن ٻن ارب روپين مان بدين جي صرف 4 سم نالن جي کانٽي ڪرائي پئي وڃي باقي پئسا هڙپ ڪيا ويندا. هنن چيف جسٽس پاڪستان ۽ نيب جي چيئرمين کي اپيل ڪئي ته ايريگيشن ۽ ڊرينج کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف انڪوائري ڪرائي بدين ضلعي جي ماڻهن کي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي. ڊرينج ۽ ايريگيشن کاتي جي آفيسرن کي اربين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ تي مٿن ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو