سم نالن جي صفائي نه ٿي، ڪروڙين روپيا هضم، تباهي جو خطرو

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) تعلقي ۾ 2011ع ۾ مھا برساتي ٻوڏ جي تباهي با وجود لنڪ سم نالا نه ٺھي سگھيا۔ اڳوڻي وزير اعظم شھيڍ ذوالفقار علي ڀٽو پاران  77۔ 1976ع دوران نئين قائم ڪيل ضلعي بدين ۾ 54 لنڪ سم نالا ٺهرايا ويا هئا۔سم ۽ برساتي پاڻي جو نيڪال ساحلي ڍنڍن ۾ ڪرڻ لاء ٽنڊوباگو تعلقي ۾ ٺھرايل لنڪ نالن کي ايل بي او ڊيLBOD سان ڳنڍيو ويو ۔2011ع واري مھا ٻوڏ دوران مختلف ضلعن کان ايندڙ پاڻي سبب آيل تباهي ۾ فصلن،فش فارمن، مرغي فارمن ۽ سرن جي بٺن سميت سرڪاري اسٽرڪچر به تباھ ٿي ويو هو ۔ ٽنڊي باگي جي 20 ديھن جو برساتي پاڻي ۽ سم نالن وارو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪا به رٿا بندي منظور ڪري سم نالن جي کوٽائي ۽ صفائي جو ڪم شروع نه ڪيو ويو آھي۔

Photo Sindhyar

لنڪ سم نالو 18 اي ايل۔ سم نالي 16 اي ايل ۔ 17  ايل۔ 19 ايل۔20 ايل ۽ 21 اي ايل  جي گنجائش کي به نه وڌايو ويو آھي۔لاڙ آبادگار فورم جي مرڪزي صدر امين سنڌي۔ نصرالله جروار۔ الهبچايو راهوڪڙو۔خليفو غلام مصطفي ڪلهوڙو۔سردار غلام رسول جمالي۔ رئيس شاهنواز جمالي۔ زمان جمالي۔ عرفان مهدي خواجه۔ سيد قمبر علي شاھ۔ شاھنواز سمون۔ فقير محمد خاصخيلي۔ ڏاڏا نظاماڻي ۽  ٻين پورهيتن۔هارين۔ مزدورن´´ سنڌيار “سان ڳالهائيندي چيو ته 2011 ع ۾ آيل اصل تباهي برسات جي پاڻي ڪري نه پر سم نالن جي صفائي نه هجڻ سبب نالا پلٽجڻ ۽ سم نالن کي گهارا پوڻ جي ڪري آئي جنهن ۾ آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو ۽ ان سان گڏ 14 لک کان به وڌيڪ ماڻھو متاثرٿيا۔ 1800 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ 20 شھر ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آيا۔ هزارين گهر ڊھي پيا ۽ بي گهر ۽ ماڻھو دربدر ٿي ويا ۽ 32 کان وڌيڪ ماڻھو ٻوڏ ۾ لڙھي مري ويا۔ هنن چيو ته هن وقت تائين سم نالن جي صفائي نه ڪئي وئي آھي ۽ نه ئي سم نالن جي گنجائش وڌائي وئي آھي۔ هنن چيو ته سم نالن جي کاٽي۔صفائي ۽ گنجائش وڌائڻ لاء حڪومت طرفان ملندڙ ڪروڙين رپيا واسطيدار عملدار ھڙپ ڪريو وڃن۔ هنن چيو ته هن سال به 20 سيڪڙو وڌيڪ امڪاني برساتن جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي آھي سم نالن جي صفائي فوري طور تي نه ڪئي وئي ته  وڏو مالي ۽ جاني نقصان ٿي سگهي ٿو۔هنن چيو ته هڪ ته ضلع بدين ۾ پاڻي جي شديد هٿرادو کوٽ جي ڪري فصل نه ٿيڻ جي برابر ٿيا آھن مٿان جي ٻوڏ ٿي اچي ته آبادگار تباھ ۽ برباد ٿي ويندا ۽ خود ڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا۔هنن چيو ته ڪنهن به قسم جو نقصان ٿيو ته واسطيدار عملدارن خلاف عدالت جو در کڙڪائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو