سميجو ۽ ميان ۾ ڏيتي ليتي جو جهيڙو، معاملو عدالت حوالي

ڏهرڪي(ن س) ڏهرڪي جي اڳوڻي تعلقي ناظم ميان شفيق احمد تي قومپرست اڳواڻ ڄام فتاح سميجو طرفان سرڪاري ايراضي تي ناجائز قبضن خلاف اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل سکر ۾ ٻه الڳ الڳ پٽيشن دائر ڪرائي ڇڏيون، ٽربيونل ڌرين کي 14 جولائي تي طلب ڪري ورتو، آبپاشي کاتي جي زمين تي ٿيل قبضي تي ميان شفيق احمد پارٽنرز سان گڏجي مارڪيٽ تعمير ڪري ڇڏي، مارڪيٽ ۾ دوڪان 50 لک روپين کان وڌيڪ وڪرو ٿي ويا، 30 ڪروڙ روپيا ڀتو گهرڻ تان اڳوڻي تعلقي ناظم ميان شفيق احمد ۽ قومپرست اڳواڻ ڄام فتاح سميجو ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، خبر موجب ڏهرڪي جي اڳوڻي تعلقي ناظم ميان شفيق احمد تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سينئر وائس چيئرمين فتاح سميجو طرفان سرڪاري ايراضي تي قبضي خلاف اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل سکر ۾ ٻه الڳ الڳ پٽيشن دائر ڪرائي ڇڏيون آهن، پهرين پٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته تپيداري ديري جي 13 هزار کان وڌيڪ اسڪوائر فوٽ تي قبصو ڪيو ويو آهي، پٽيسن ۾ اڳوڻو تعلقي ناظم ميان شفيق احمد سندن ملازم غلام رسول پتافي، امتياز سميجو، ڪمشنر سکر، ڊي سي گهوٽڪي، ايس پي گهوٽڪي، ٽائون چيئرمين ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ٻي پٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته ريتي روڊ ڀرسان ڏهر واهه کان نڪرندڙ شاخ تي اڳوڻو تعلقي ناظم ميان شفيق احمد، شاهد ڀٽو ۽ ڀائي اونڪار لال مارڪيٽ تعمير ڪئي آهي، جڏهن ته زمين 24 هزار اسڪوائر فوٽ خريد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مارڪيٽ 30 هزار کان وڌيڪ اسڪوائر فوٽ تي تعمير ڪئي وئي آهي، جهن ۾ سرڪاري ايراضي به شامل آهي، سرڪاري ايراضي تي تعمير ٿيل مارڪيٽ ۾ في دوڪان 50 لک روپين کان وڌيڪ جي وڪرو ڪئي وئي آهي، ٽربيونل ۾ پٽيشن دائر ڪرڻ بعد خريدار پريشان ٿي ويا آهن، پٽيشن دائر ڪرڻ بعد ٽربيونل 14 جولائي تي طلب ڪري ورتو آهي، هوڏانهن اڳوڻي تعلقي ناظم ميان شفيق طرفان قومپرست اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو کان مبينا 30 ڪروڙ روپيا ڀتو گهرڻ ۽ الفتاح ٽائون جي ديوارن تي ملڪ دشمن نعرا لکرائن تان تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر اچڻ بدران ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي تعلقي ناظم ميان شفيق احمد ٻڌايو ته تپيداري ديري تي يا ڍڪ تي آئون قبضو ناهي ڪيو ڄاڻايل ايراضي هن وقت به ٽائون انتظاميه وٽ آهي، جڏهن ته مارڪيٽ خلاف غلام نبي چاچڙ پڻ ٽربيونل ۾ پٽيشن دائر ڪرائي هئي، پر ڄاڻايل ٽربيونل طرفان پٽيشن خارج ڪئي هئي، سرڪاري ايراضي تي قبضي جا الزام بي بنياد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو