سموسي تان شروع ٿيل جهيڙو قبائلي تڪرار بڻجي ويو

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون ) تلهار ۾ سموسي جي ڳالهه تان شروع ٿيل جهيڙو قبائلي تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو. لاشارين پاران چانڊين کي ڪٽڪو ڏيڻ بعد مٿن ڪيس داخل، ايس ايس پي شبير سيٺار جي حڪم تي سڄي ضلعي جي پوليس موبائلز گڏجي گشت ڪيو. گذريل ڏينهن ٻيهر لاشاري ۽ چانڊيه برادري جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چانڊيه برادري جا 2 ماڻهو زخمي ٿيا هئا جنهن بعد تلهار پوليس چانڊيه برادري جي عمران چانڊيو جي فرياد تي لاشاري برادري جي 20 ماڻهن ۽ ڪڇي برادري جي 2 ماڻهن ۽ 10 نامعلوم تي تلهار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو , امڪاني جهيڙي کي روڪڻ ۽ شهر ۾ امن و امان جي فضا کي برقرار رکڻ لاء ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار جي هدايت تي اڄ ضلعي بدين جي سمورن ٿاڻن تان پوليس موبائلون گهرايون ويون ڊي ايس پي بدين محبوب حسين لنڊ، محمد گل عباس ۽ ايس ايڇ او تلهار ڌڻي بخش مري جي اڳواڻي ۾ تلهار ۾ فليگ مارچ ڪيو ويو ڊي ايس پي بدين محبوب حسين لنڊ صحافين کي ٻڌايو ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاء فليگ مارچ ڪيو آهي ڪير به ڳڙ ٻڙ ڪندو انهي کي قانوني طريقي سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو