سمن جي دور جي مسجد سرڪاري بي ڌياني سبب تباهه حال

مانجهند(رپورٽ: مهراڻ عمراڻي)مانجهند تعلقي جي ڳوٺ زيمي جي تاريخي مسجد سنڌ سرڪار جي آرڪيالاجي کاتي جي بي ڌياني سبب   زبون حالي جو شڪار ٿي وئي 400 کان وڌيڪ سال اڳ سمان دور ۾ ھن  تاريخي مسجد سمن جي دور  جي تعمير ٿيل آھي  پيرسن ڳوٺاڻن موجب 1970 جي اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد اليڪشن ورڪ دوران به مسجد جي ساڳئي تاريخ ٻڌائي هئي مانجهند تعلقي جي شھر منظور آباد جي ويجهو انڊس هاء وي ڀرسان اڌ ڪلوميٽر اوڀر طرف تاريخي  زيمي ڳوٺ جي مسجد  جنهن جو نالو جامع مسجد مان جمع مسجد ۽ بعد ۾ زيمي مسجد پيو ساڳئو نالو ڳوٺ تي به پئجي ويو مسجد جون ديوارون 4 کان 5 فوٽن تائين  ڪشاديون ۽ مظبوط آھن جڏھن ت سرون به 2 کان 3 فوٽن جي چوڌاري ويڪر جون لڳل آھن شاهڪار ۽ جراح ڪاريگرن مسجد جي تعمير ۾ درياء جي مٽي ۽ چرولي چن ۽ ريتي جو خوبصورت انداز ۾ استعمال ڪيو آھي پر وقت گذرڻ سان سرڪاري سطح تي سارسنڀال نه ٿيڻ ۽ تيز برساتن ۾ زبون حال ٿي ڪيترن ئي هنڌن کان شھيد ٿي چڪي آھي هتان جي ڳوٺاڻن ذوالفقار علي خاصخيلي حق نواز مڱڻھار  ۽ ٻين  گهر ڪئي ت آرڪيالاجي   ۽ ثقافت کاتو مسجد کي آثار قديمه ۾ شامل ڪرڻ جي تحقيق ڪرائي سنڌ انڊومينٽ فنڊ تحت بجيٽ رکرائي تاريخي گوبند رام مندر مانجهند ۽  ڳوٺ خاصائي ۾ سمان دور جي سپه سالار سنڌ جي وزير اعظم دوله درياء خان جي اوطاق وانگر ساڳئي شڪل ۾ مسجد جي تعمير ڪرائي ان ۾ سهولتن جو بندوبست ڪرائي  سياحت لا موزون بڻائي

پهنجو تبصرو موڪليو