سمارٽ فون ۾ ڪروم نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوگل ڪروم موبائيل فون صارفين لاءِ پاس ورڊ هيڪ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي. هاڻي اينڊرائڊ ۽ ايپل فون تي استعمال ٿيندڙ ڪروم ۾ ڪو به پاس ورڊ هيڪ نه ڪري سگهندو. اوهان جيڪڏهن ڪروم ۾ پاس ورڊ محفوظ ڪرڻ جو آپشن آن ڪيو آهي ته هاڻي جڏهن به ڪو ان کي هيڪ ڪندو ته گوگل ان جي تصديق ڪرڻ بعد ان کي رسائي ڏيندي. گوگل جي ڊولپ ڪيل نئين فيچر بعد هنن کي پاس ورڊ جي خبر نه پوندي پر هو ان جي تصديق ڪري سگهندا. 2011 کان پاس ورڊ هيڪ ٿيڻ جا واقعا عام ٿيا ۽ گوگل جي هدايتن باوجود ڪروڙين ماڻهن جو پهريون نمبر پاس ورڊ 123456 رکيو، ٻئي نمبر تي Password ۽ ٽئين نمبر تي 123456789 پاس ورڊ رکيو. هن فيچر مان فائدو وٺڻ لاءِ اوهان کي سمارٽ فون تي ڊائون لوڊ ڪيل ڪروم ايپ ۾ پاس ورڊ اسٽور ڪرڻ جو آپشن آن ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو