سماجي ورڪر جي ملڪيت تي چاچي جو قبضو، انصاف جي اپيل

گهوٽڪي (رپورٽ اسد مير چاچڙ) مومل جي ماڙي جي ڳوٺ ارباب ڪلادي جي فقيراڻي طبيعت جي مالڪ سماجي ورڪر نورل فقير ڪلادي جي زمين ۽ گهر جي جڳھ تي چاچي جو قبضو. سماجي ورڪر نورل فقير ڪلادي پريس ڪلب پهچي داهيندي چيو ته منهنجو چاچو سڪندر علي مونکي والد جي ملڪيت مان  حصو نٿو ڏي. هن چيو ته منهنجي والد جي وفات کان پوء اسان جي حصي ۾ ايندڙ زمين ۽ گهر جي جاء تي منهنجو بااثر چاچو قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪيت مان حصو گهرڻ تي ڌمڪيون پيو ڏي. هن چيو ته مان سماجي ورڪر آهيان جهيڙو نٿو ڪرڻ چاهيان.  مون اهڙي دانهن برادري جي سردار ۽ وڏيرن وٺ کڻي ويس پر انهن به ڪجھ نه ڪيو. ان موقعي تي هن چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ،  ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو