سليڪٽڊ جي بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم هڪ سليڪٽڊ بجيٽ ٺاهيو جنهن کي قبول ٿيڻ نه ڏينداسين.پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري قومي اقتصادي ڪائونسل جي فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم جي لاءِ وڌيڪ فنڊ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ صحت کاتي جي لاءِ صرف 30 ارب روپيه رکڻ عوام کي ڪورونا وائرس جي وبا حوالي ڪرڻ جي برابر آهي. صحت جي لاءِ بجيٽ ۾ صرف 3.3 سيڪڙو فنڊز رکي تحريڪ انصاف جي حڪومت واضح ڪري ڇڏيو ته عوام جي صحت انهن جي اولين ترجيح ناهي رهي.تحريڪ انصاف جي اسيمببلي ميمبرن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ ۾ 68 ارب ۽ وبا کان بچڻ جي لاءِ صرف 5 ارب روپين جو فنڊ رکڻ عوام دشمني آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تعليم جي لاءِ بجيٽ ۾ صرف 5.5 سيڪڙو فنڊز رکي عمران خان قوم جي مستقبل سان هڪ مذاق ڪيو آهي. جيڪڏهن روڊ ٺاهڻ سان ملڪ ترقي ناهي ڪندو ته پنهنجي حڪومت جي آخري ۽ پهرين ترقياتي بجيٽ ۾ 38 سيڪڙو جو اضافو ڇو ڪيو ويو پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان ترقياتي بجيٽ کي به سياسي انداز سان ورهائي ملڪ ۾ احساس محرومي کي وڌائي ڇڏيو. بجيٽ ۾ صحت کاتي ۽ تعليم کي نظر انداز ڪري ايندڙ ٻن سالن تائين شايد ڪڏهن به نه مڪمل ٿيندڙ منصوبن جي افتاح سان عمران خان ان صوبن جي لاءِ وڌيڪ ترقياتي بجيٽ رکي اهو ثابت ڪيو ته هو پاڻ کي سموري پاڪستان جو وزيراعظم نٿو سمجهي. وزيراعظم هڪ سليڪٽيڊ بجيٽ ٺاهيو آهي جنهن کي ڪنهن به طور تي قبول ٿيڻ نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو