سليڪٽيڊ وزيراعظم ڪوٺڻ تي هنگامون، چور چور ۽ ڪوڙا ڪوڙا جا نعرا

اسلام آباد( اياز مهر) قومي اسمبلي ۾ بجٽ جي منظوري جو عمل جاري، اپوزيشن جا 325 ڪٽ موشن رد، مختلف وزارتن جي 230 ارب ماليت جون ڊمانڊز منظور ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کيس “سليڪٽيڊ” سڏيو ته ايوان ۾ هنگامون ٿي ويو. اسپيڪر لفظ سليڪيٽيڊ ڪاروائي مان حذف ڪري ڇڏيو. اپوزيشن ۽ حڪومتي بينچن واري هڪ ٻئي چو چور ۽  ڪوڙو ڪوڙو سڏيندا رهيا. بلاول، آصف، شهباز شريف ۽ وزيراعظم هڪ موقعي تي ايوان ۾ موجود هئا اپوزيشن جو هڪ ڪٽ موشن جڏهن اسپيڪر اسد قيصر وائس ووٽ تي رد ڪيو ته اپوزيشن شور سرابو ڪيو ۽ چيو ته ڳڻپ ڪرايو. اسپيڪر ڳڻپ ڪرائي ته اپوزيشن جا 143 ۽ حڪومتي ڌر جا 159 ووٽ آيا، جنهن تي ايوان ۾ حڪومتي ڌر ۾ هوڪرا پئجي ويا ۽ زوردار نموني ڊيسڪ وڄائيندا رهيا. لفظ سليڪٽيڊ تي ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. جڏهن 1163 ارب جي دفاعي بجٽ جي منظوري جو وارو آيو ته آرام سان اها ڊمانڊ منظور ڪئي وئي ۽ اپوزيشن ان بابت ڪٽ موشن به جمع نه ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو