ڌماڪي سبب عمارت تباهه 5 فوت 28 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گلشن اقبال جي علائقي ۾ چار ماڙ عمارت ڌماڪي سبب ڪري پئي 5 ماڻهو فوت ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عمارت جي ملبي سبب هيٺان بيٺل گاڏيون به دٻجي ويون. پوليس موجب ڌماڪو عمارت جي پهرين ماڙ تي ٿيو. عمارت جي هيٺان بئنڪ به واقع آهي. پوليس موجب ڌماڪي سبب ٻه منزلون ڪافي متاثر ٿيون آهن.فوت ٿيندڙن ۾ بئنڪ جو گارڊ به شامل آهي ۽ هن مهل تائين 28 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. زخمين ۾ 4 عورتون ۽ 2 ٻار به شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته بظاهر ڌماڪو گيس سلينڊر سبب ٿيوآهي پر بم ڊسپوزل وارا جاچ ڪن پيا. زوردار ڌماڪي سبب آس پاس جي عمارتن جا شيشا به ٽٽي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني کي جاءِ حاثي تي پهچڻ جي هدايت ڪئي. سعيد غني چيو ته ڌماڪي جي نوعيت معلوم ناهي بعد ۾ خبر ۾ پوندي هن مهل زخمين کي اسپتال پهچائڻو آهي، ڪجهه زخمي پٽيل ۽ ڪجهه جناح اسپتال پهچايا ويا آهن.سعيد غني چيو ته عمارت مڪمل طور خالي ڪرائي وئي آهي، هن چيو ته هي عمارت ڪيرائي ويندي ڇو ته رهائش جي قابل ناهي. ڊي جي رينجرز به ڌماڪي واري جاءِ تي پهچي معائنو ڪيو. سوئي سدرن گيس ڪمپني وارن گيس لائن ڪاٽي ڇڏي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته ڌماڪو گيس پائپ لائن ليڪ ٿيڻ سبب ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو