سليماني قتل جو بدلو آمريڪا جي مُنهن تي چماٽ آهي؛ آيت الله خامنائي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جو چوڻ آهي ته اسان جنرل قاسم سليماني جي قتل جو بدلو وٺي آمريڪا جي مُنهن تي چماٽ هنئي آهي پر صرف فوجي آپريشن ڪافي ناهي. ايراني قوم کي خطاب ڪندي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جنرل قاسم سليماني کي ايران جو بهادر سپوت قرار ڏيندي چيو ته قاسم سليماني صرف فوجي نه پر سياسي ميدان ۾ به جرائت جو مظاهرو ڪندو هو. هن چيو ته قاسم سليماني کي خطرا هيا پر خطرن کان آگاهه هجڻ باوجود هن هميشهه پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ٻين جو خيال رکندو هو. سليماني جي شهادت ايراني قوم کي دنيا جي دهشتگردن خلاف متحد ڪري ڇڏيو آهي. آيت الله خامنائي چيو آهي ته آمريڪا چاهي ٿو ته عراق به سعودي عرب وانگر کير ڏيندڙ ڳئون بڻجي وڃي، جنرل سليماني عراق ۽ شام ۾ آمريڪا جي منصوبن کي ناڪام بڻايو. هن جو چوڻ هو ته سليماني جي شهادت اسان کي بيدار ڪري ڇڏيو آهي، دنيا اسان جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي چڪي آهي گذريل رات اسان بدلو وٺي آمريڪا جي منهن تي چماٽ هنئي آهي پر صرف فوجي ڪارروائي ڪافي ناهي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جو چوڻ هو ته اهو تمام ضروري آهي ته اسان پنهنجي دشمن ۽ ان جي منصوبن کي سڃاڻون، اسان کي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ کي سياسي، سائنسي ۽ دفاعي ميدان ۾ تيار ڪرڻ گهرجي. آيت الله خامنائي چيو ته اسان جو دشمن آمريڪا ۽ يهودي رياست آهي ۽ اسان کي انهن کي سڃاڻڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته دشمن اسان جي اندر شڪ شبها پيدا ڪري اسان جي دفاعي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته 3 جنوري تي آمريڪا عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ايئرپورٽ ويجهو راڪيٽ حملو ڪري ايران جي القدس فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل قاسم سليماني کي ماريو هو. ايران جنرل قاسم سليماني جي قتل جي بدلي وٺڻ جو اعلان ڪندي تاريخي شهر قُم جي جمڪران مسجد ۾ انتقام جي علامت وارو ڳاڙهو جهنڊو چاڙهيو هو. گذريل رات ايران عراق ۾ 2 آمريڪي فوجي اڏن تي راڪيٽ حملا ڪري آمريڪي فوج کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو