سلطنتِ عثمانيه جي بربادي ۾ رقاصه جو ڪردار!

ليکڪ: صالح ميمڻ

سورهين صدي عيسوي ۾ سلطنتِ عثمانيه جي شروعاتي دئورن ۾ صدين تائين سلطنت جي انظامن  تي مردن جو غلبو رھندو آيو، سلطان سليمان جي دئور ۾ پھريون ڀيرو ھڪ يورپين عورت نه رڳو سلطان پر پوري سلطنت جي حڪمران بڻجي وئي، ان جو نالو حريم سلطان ھو، جنھن کي حرم سلطان به چيو ويندو ھو. حريم 1505ع ۾ يوڪرائين ۾ جنم ورتو، جنھن جو اصل ۽ شروعاتي نالو روڪسانه ھو، تاتارين حملي وقت ھن کي ٻانھي بڻائي رکيو، ھوءَ بطور ٻانھي وڪرو ۽ خريد ٿيندي آخر ڪار سلطنتِ عثمانيه جي حرم ۾ ھڪ ڪنيز طور داخل ٿي، سلطان سليمان ان وقت ھڪ صوبي مانسيا جو گورنر ھو، روڪسانه شوخ، چنچل ۽ نخريلي طبيعت جي مالڪ ڪنيز ھئي، جنھن ڪري ھن کي حُرم جو لقب مليو جنھن جو مفھوم آھي، خوش مذاج عورت.1521ع ۾ جڏھن ھو صرف 16 سالن جي ھئي ھن کي سلطان سليمان مان ھڪ پُٽ جو اولاد پيدا ٿيو،  ان طرح حُرم سلطنتِ عثمانيه جي ٽيون نمبر طاقتور عورت بڻجي اُڀري، سلطنتِ عثمانيه جي حَرم جي صدين کان قائم دستور مطابق ھڪڙي ڪنيز صرف ھڪ ٻار کي جنم ڏئي سگھي ٿي، مگر حُرم اھو قديم دستور ٽوڙيندي 4 سالن ۾ 4 وڌيڪ ٻار پيدا ڪيا جن ۾ وڌيڪ 4 پُٽ ھئا، اھڙي صورتحال کان پوءِ سلطان سليمان پنھنجي زال ماھي دوران ۽ ٻيئن ڪنيزن جي مقابلي ۾ صرف حُرم طرف توجه ڏيئڻ لڳو، ان ڪري ماھي دئوران ۽ حُرم سان شديد فطري حسد ۾ مبتلا ٿي، جنھن سان ٻنھين وچ ۾ ھڪ سرد جنگ شروع ٿي، ان جي نتيجي ۾ انھن ھڪ ٻئي تي موت مار حملا به ڪرايا. 1533ع ۾ ماھي دوران جو پُٽ مصطفا سلطنت جو وارث قرار ڏنو ويو، جنھن جي ھڪ سال کان پوءِ سلطان سليمان جي والدا حفظه جيڪا سڀني کان وڌيڪ طاقتور عورت تصور ٿيندي ھئي وفات ڪري وئي جنھن ڪري حالتون حُرم جي حق ۾ نه رھيون، حُرم جي باري ۾ مشھور ھو ته ھو جادوگرياڻي به ھئي، جادو يا محبت جي سھاري سان ھن سلطان سليمان کي اھڙو ڦاسايو جو سلطان سليمان ان سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي ويو، ان طرح عثمانيه سلطنت جي محل جي اھا قديم روايت به ٽٽي جنھن ۾ سلطان طرفان ڪنھن ڪنيز سان شادي تي پابندي ھئي، سليمان حُرم سان باقاعدا نڪاح کان پوءِ ان جي چال ۾ وڌيڪ ايترو ڦاٿو جو ھن پنھنجي زال سميت ڪنيزن سان رات وارا تعلق ختم ڪري ڇڏيا، ان حد تائين جو سلطان سليمان حُرم کان سواءِ ڪنھن به رات ۾ اڪيلو رھي نه ٿي سگھيو، ھو حُرم جي عشق ۾ ان تي شاعري به ڪرڻ لڳو، حَرم سراءِ جنھن کي پراڻو محل به چوندا ھئا ان ۾ اچانڪ باھ لڳي وئي، تاريخ نويسن موجب اھا باھ خود حُرم سلطان ڏياري ھئي ته جيئن ھوءَ سرڪاري ڪم ڪارن واري محل ۾ سلطان سان اتي به وڃي ان سان رھي سگھي، ڊگھي پراڻي دئور کان اھو قاعدو ھو ته ڪا به عورت حڪومتي ڪاروھنوارن واري عمارت ۾ داخل نه ٿي ٿي سگھي، حُرم سلطان سان سليمان جي عشق سبب اھو قاعدو به پاش پاش ٿي ويو، ھوءَ تاريخ جي پھرين عورت ھئي جيڪا سلطان سليمان سان سرڪاري محل ۾ رھڻ لڳي، ان طرح حُرم سلطان سليمان تي اڃان به وڌيڪ حاوي ٿي وئي، اھڙو وقت به آيو جو حُرم سلطان سليمان کي سياسي معاملن ۾ مشورا به ڏيئڻ لڳي، ان کان پھرين اھڙي ڪا به روايت نه ھئي ته ڪا عورت ڪنھن سلطان کي سياسي معاملن ۾ ڪو مشوري ڏيندي ھجي. ان کان پوءِ ان دئور جي شروعات ٿي جنھن کي تاريخ ۾ عورتن جي حڪمراني جو دئور قرار ڏنو ويو آھي، سلطان سليمان جي پھرين زال ماھي دوران جو پُٽ مصطفا جيڪو سليمان جي اقتدار جو پھريون وارث قرار ڏنل ھو، ان صورتحال ۾ حُرم لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ھو.ترڪن ۾ اھا به روايت به قديم ھئي ته سلطان تخت نشيني کان پوءِ پنھنجن باقي ڀائرن کي ان ڪري قتل ڪرائي ڇڏيندو ھو ته جيئن سندس اقتدار کي ڪو لوڏو نه اچي، اھڙي حالت ۾ حُرم کي پنھنجو ۽ پنھنجن 4 پٽن جو مستقبل تاريڪ نظر اچڻ لڳو ھو، ان ڪري ھن مصطفا کي رستي تان ھٽائڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي ھئي، جڏھن ته ان سازش ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بادشاھ ۽ ان جي خاندان جو وفادار وزيرِ اعظم جي عھدي تي فائز پاشا ھو، جيڪو ان وقت جي عالمي سطح جي سپر پاور سلطنتِ عثمانيه جو ٻيو نمبر وڏو طاقتور ڪردار ھو. حُرم سلطان پنھنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ھن سلطان سليمان جا ڪن ڀري وزير اعظم پاشا بابت شڪ پيدا ڪري ان کي قتل ڪرايو ۽ پنھنجي ناٺي رستم پاشا کي وزير اعظم جو عھدو ڏيارايو، رستم پاشا ھڪ طرف حُرم جي منصوبي تي ڪم ڪندي سلطان سليمان کي شھزادي مصطفا خلاف ڀڙڪايو ته ٻئي طرف مصطفا کي پيءُ کان مختلف طريقن سان پري رکڻ جي ڪوشش به ڪئي، ته جيئن انھن ۾ رابطو نه رھي. شھزادو مصطفا پيءُ سان وفادار، ان جو فرمان بردار ھو ۽ سلطان سليمان به ان کي ڀائيندو ھو مگر ھُو حُرم ۽ رستم جي چڪر ۾ اچي ويو. جڏھن 1553ع ۾ سلطان سليمان ايران تي حملو ڪيو ۽ مصطفا پيءُ جي مدد لاءِ ان جي پويان نڪتو تڏھن سازش ڪري سلطان سليمان کي غلط ٻڌايو ويو ته ھن جو پُٽ ھِن کي مارڻ لاءِنڪتو آھي، جنھن تي سلطان سليمان پُٽ کي رستي ۾ ئي قتل ڪرائي ڇڏيو، ان طرح ھڪ عورت جي ڪامياب سازشن جي نتيجي ۾ ان الميي جنم ورتو، جيڪو الميو سلطنتِ عثمانيه جي زوال جو سبب بڻيو، تاريخدان ان ڳالھ تي اتفاق ڪن ٿا ته وزير اعظم پاشا سازش سان قتل نه ٿئي ھا ۽ مصطفا پيءُ جي وفات کان پوءِ سلطان بڻجي ھا ته ھي طاقتور اسلامي سلطنت پوري دنيا تي حاوي رھي چڪي ھجي ھا، مگر نتيجو اھيو نڪتو جو حُرم سلطان جا 2 پُٽ پنھنجي موت پاڻ مري ويا ۽ باقي 2 اقتدار تان پاڻ ۾ وڙھي پيا جن جي وچ ۾ جاري جنگ 8 سالن تائين ھلندي رھي، جنھن جنگ کي نه سلطان سليمان پوڙاھپ ۾ روڪي سگھيو ۽ نه ئي حُرم سلطان روڪي سگھي، ان طرح سلطنتِ عثمانيه جيڪا ان وقت مسلمانن جي طاقتور ترين سلطنت ھئي، جنھن کي ان  وقت جون يورپ جون طاقتور ڌريون به ختم نه ڪري سگھيون ھيون ان کي يورپ جي ھڪ اھڙي عورت ھٿان سازشن سان زوال نصيب ٿيو، جيڪا محل ۾ ھڪ ڪنيز جي حيثيت سان داخل ٿي ھئي. (ياد رهي ته ترڪي جي ھن بادشاھي ڪھاڻي تي ترڪي زبان ۾ 300 کان وڌيڪ قسطن تي مشتمل ڊرامون به ٺھيو آھي، جيڪو اردو سميت دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي ھليو آھي، ان ڊرامي جي مرڪزي ڪھاڻي ھِن طرح مختصر ڪري بيان ڪئي آھي، جيڪو به ھي ڪھاڻي پڙھي ڊرامون ڏسندو ان کي سڄو ڊرامون مڪمل طور تي سمجھ ۾ ايندو ويندو).

پهنجو تبصرو موڪليو