يو اين پاران ڪشمير صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر،هڪ طرفو قدم نه کڻو

نيويارڪ/ اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪا به ڌر هڪ طرفو  قدم نه کڻي جنهن سان صورتحال  خراب ٿئي. اهڙو اظهار سلامتي ڪائونسل جي اجلاس بعد اقوام متحده ۾ چين جي مستقل سفير ميڊيا کي ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته چين جو موقف آهي ته ڪشمير عالمي طور تڪراري مسئلو آهي، ڀارت جي هڪ طرفي قدمن سان خطي جي امن کي خطرو آهي. واضح رهي ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير خارجه شاهه محمود قريشي جي خط تي 72 ڪلاڪن اندر چين سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو. قريشي موجب هنن 5 مستقل ميمبرن آمريڪا، برطانيا، چين، روس ۽ فرانس مان 4 ملڪن جي نمائندن سان سڌي ريت رابطو ڪيو. هن اهو نه ٻڌايو ته ڪهڙي ملڪ سان سندس رابطو نه ٿيو، پر بظاهر لڳي پيو ته اهو ملڪ فرانس آهي. جنهن معرفت ڀارت آخر وقت تائين ڪوشش ڪندو رهيو ته اجلاس ملتوي ٿئي. اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جو ڪشمير بابت 50 سالن بعد اجلاس ٿيو آهي، جنهن کي شاهه محمود قريشي وڏي تاريخي سفارتي فتح قرار ڏنو آهي. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ختم ٿيڻ بعد گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته اڄوڪي اجلاس جي آجيان ڪريون ٿا، ڪشميرين ۽ خاص ڪري والاريل ڪشمير جي ماڻهن جن جو مواصلاتي نظام بند آهي، انهن کي خبر به نه هجي پر دنيا جي وڏي ۾ وڏي سفارتي فورم تي ڪشميرين جو آواز ٻڌو ويو آهي، پاڪستان سندن موقف دنيا جي هر فورم تي پهچائيندو. مليحه لوڌي چيو ته سلامتي ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيڻ ڀارت جي ان موقف جو مڪمل طور انڪار آهي ته ڪشمير سندن اندروني معاملو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ ماڻهن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا. ڪشميرين کي قيد ڪري سگهجي ٿو پر انهن جو آواز دٻائي نه ٿو سگهجي. هوڏانهن سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ختم ٿيڻ بعد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، ڀارت وائکو ٿي ويو، ڀارت اڄ صبح تائين به ڪوششون ڪري رهيو هو ته اجلاس منعقد نه ٿئي. ڪائونسل جا ميمبر ڀارت جي چوڻ ۾ نه آيا ۽ اجلاس منعقد ٿيو. شاهه محمود قريشي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته، 50 سالن بعد پهريون ڀيرو سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو، ڀارت ڪشمير مسئلي کي سڄي دنيا کان لڪايو. هن چيو ته اڄ دنيا تسليم ڪيو آهي ته ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو ناهي، اهو عالمي تڪراري مسئلو آهي.  پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو ڪيس ٻن نقطن تي ٻڌل هو. ڀارت چوندو هو ڪشمير اندروني معاملو آهي، ان کي سلامتي ڪائونسل ۾ آڻڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائڻ لاءِ يواين فوجي مبصرن ۽ پوليٽيڪل افيئرز جي نمائندن کي سڏايو ويو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو هو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري سمجهي ٿي ته حقيقتون سامهون اينديون. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس بعد واضح ٿي ويو ته عالمي برادري به ڪشمير جي صورتحال کي ڏسي رهي آهي، رابطا بحال ٿيڻ بعد ڪشمير جي زميني حقيقت سامهون اچي ويندي. هڪ سوال تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير هڪ قاتل ۽ غاصب آهي ان سان هرگز رابطو نه ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو