سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کا اڳ عمران ٽرمپ فون تي رابطو

اسلام آباد(نيوز ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي دوران والاريل ڪشمير سميت پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته عمران خان کيس ڪشمير جي صورتحال بابت صدر ٽرمپ کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي. ٻنهي سربراهن وچ ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ، ڪشمير ۾ 12 ڏينهن کان ڪرفيو، ڀارتي فوج جي ظلمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته افغانستان جو پائيدار امن به ان سان جڙيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو