سفير جي نياڻي تي حملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي،شيخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)افغان سفير نجيب الله علي خيل جي ڌيءُ جي مبينا اغوا ۽ تشدد بابت گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ان ۾ 2 ٽيڪسي ڊرائيور ملوث آهن. پوليس هڪ ڊرائيور تائين پهتي آهي. جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي ڇوڪري جي درخواست جو انتظار آهي ۽ هوءُ جاءِ واردات جي نشاندهي ڪري ته جيئن جاچ اڳتي وڌي سگهي. ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  افغان سفارتخاني ڪالهه رپورٽ ڏني هئي ته افغان سفير جي ڌيءُ مٿان ڪار ۾ سوار ٿيڻ دوران حملو ڪيو ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي اسلام آباد پوليس فوري طور تي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ سيڪيورٽي اهلڪار، سفير ۽ سندس خاندان سان رابطي ۾ آهن ۽ پرڏيهي وزارت ۽ سيڪيورٽي اهلڪار معاملي ۾ مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته ڏوهارين جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، افغان سفير ۽ سندس خاندان جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب، اهڙا واقعا ناقابل برداشت آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو