سفيد ٿيندڙ وار قدرتي عمل سان ڪيئن واپس ڪارا ٿين ٿا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا يونيورسٽي جي تازي ڪيل سائنسدانن جي هڪ اسٽڊي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ذهني دٻاءَ سبب انسانن جا وار وقت کان اڳ گِري يا سفيد ٿي وڃن ٿان. اڍائي سالن تائين جاري رهندڙ هن ريسرچ م 9 سالن کان 65 سالن جي ڄمار جي 14 ڄڻن تي ريسرچ ڪئي وئي ۽ هي اهي ماڻهو هئا جن جي مٿي ۾ اڳ ۾ ئي گِري يا سفيد وار موجون هئا. سائنسدانن جو چوڻ اهي ته جڏهن انهن ماڻهن کي بهتر ماحول مليو ۽ ذهني دٻاءُ گهٽ ٿيو ته اهو به ڏٺو ويو ته سفيد يا گري ٿيل وار واپس ڪارا ٿي ويا. سائنسدانن جو ڇوڻ آهي ته جڏهن انسان مان پگمينٽ سيلز ختم ٿين شروع ٿين ٿا ته وار سفيد ٿين ٿا. سائنسدانن جو مشورو آهي ته غير ضرور دٻاءُ قبول نه ڪيو ۽ ٽينشن نه وٺو ته جلدي وار سفيد يا گري نه ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو