سفارتي عملي ۾ وڏي پيماني تي ردو بدل، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي ۾ وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان داڪٽر محمد فيصل کي جرمني ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا مان رحيم حيات قريشي کي بدلي ڪري ايران ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي. پولينڊ ۾ پاڪستاني سفير شفقت علي خان کي روس، جرمني مان جوهر سليم کي اٽلي، ايڊيشنل سيڪريٽري محمد نديم خان يونان، ڊي جي يورپ ملڪ محمد فاروق کي پولينڊ ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي. برلن مان منسٽر مريم مديحه آفتاب کي بلغاريه، بيجنگ مان ممتاز زهره بلوچ کي ڏکڻ ڪوريا، ايڊيشنل سيڪريٽري آفريڪا علي احمد آرائين کي سينيگال، انقره مان علي اسد گيلاني کي ازبڪستان ۽ اسٽاڪ هوم مان عرفان احمد کي ترڪمانستان ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي. ڪينبرا مان منسٽر خالد اعجاز کي ارجنٽينا، ڊي جي فارين آفس ڊاڪٽر ظفر اقبال رومانيه، احمد فاروق ڊنمارڪ، ميجر جنرل (ر) عمر فاروق برڪي اردن ۽ وائس ايڊمرل (ر) اطهر مختيار کي مالديپ ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي. سردار اظهر طارق خان کي ڪرغزستان ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي. بدها پوسٽ مان منسٽر زاهد حسين کي فرينڪفرٽ ۾ قونصل جنرل، ڊي جي ايسٽ ايشيا پيسفڪ ثمينه مهتاب کي شندو ۾ قونصل جنرل، منسٽر محمد طارق کي ڪينبرا مان مانچسٽر ۾ قونصل جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آزر بائيجان ۾ مقرر ڊاڪٽر سعيد خان جي مدت ۾ 6 مهينا واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو