سعيد غني ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري صوڀبائي وزير سعيد غني اقرار ڪيو آهي ته هن جو ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي جنهن بعد هن تنهائي اختيار ڪئي آهي. هن جاري ڪيل ويڊو پيغام ۾ چيو آهي ته وائرس جون جيڪي نشانيون ٻڌايون وڃن ٿيون انهن مان هن ۾ هڪ به موجود ناهي، کنگهه، زڪام، ڳلي ۾ سور يا جسم ۾ درد وغيره هن کي ناهي، هن پنهنجي دوستن ۽ استاف وزرن کي چيو آهي ته جيڪي ساڻس ٻن ٽن ڏينهن ۾ مليا آهن اهي به پنهنجي ٽيسٽ ڪرائين.

پهنجو تبصرو موڪليو