“سعودي ولي عهد جو مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاء خاص گروپ ٺاهڻ جو انڪشاف”

نيويارڪ (م ڊ) نيو يارڪ ٽائمز امريڪي اهلڪارن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته صحافي جمال خشوڪجي جي قتل کان هڪ سال اڳ سعودي ولي عهد پهنجي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاء ڳجهي مهم شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. جنهن موجب مخالفن جي نگراني، اغوا، نظربندي ۽ تشدد ڪرن شامل هو. ان مهم کي “ريپڊ انٽروينشن گروپ” يعني ترت مداخلتي گروپ جو نالو ڏنو ويو هو. امريڪي اخبار انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته هن گروپ ڪجهه ڳجها مشن به مڪمل ڪيا جن مان استنبول ۾ جمال خشوڪجي کي ڳڀا ڳڀا ڪري مارڻ به شامل آهي. جمال خشوڪجي واشنگٽن پوسٽ جو ڪالم نگار هو ۽ سندس قتل تي سڄي دنيا ۾ آواز  اٿاريو ويو. امريڪي سينيٽ پڻ صدر ٽرمپ کي ڪارروائي لاء چيو هو پر هن ڪو عمل نه ڪيو. جيتوڻيڪ امريڪي انٽيليجنس جي عملدارن سينيٽ کي ڏنل بريفنگ ۾ چيو هو ته کين يقين آهي جمال خشوڪجي جي قتل جو ذميوار سعودي ولي عهد آهي. نيويارڪ ٽائمز موجب سعودي عرب ۾ عرتن جي حقن  جي سرگرم ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۾ به “ريپڊ انٽروينشن گروپ” ملوث هو. اخبار ڄاڻايو آهي تو امريڪا ۾ موجود سعودي سفارتخاني اهڙي گروپ جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو