سعودي عرب 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار شوڪت ترين ڇنڇر تي اعلان ڪيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) کي سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر جي رقم ملي وئي آهي ۽ سعودي عرب ۽ ان جي ولي عهد جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن اها خوشخبري ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ذريعي ڏني. مان هن قسم جي سندن رحمدلاڻي عمل تي عزت مآب ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي بادشاهه جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جي دوري وقت 3 ارب ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر شرط طئي ڪرڻ ۾ دير ٿي ۽ افواهه هئا ته وڏي مارڪ اپ تي معاهدو ٿيو آهي، پاڪستان رقم خرچ نه ڪري سگهندو رڳو ڊپازٽ لاءِ آهي. ٻنهي ڌرين معاهدي جا تفصيل ڳجها رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو