سعودي عرب ۾ جي ٽوئنٽي ملڪن جو سربراهي اجلاس

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي ميزباني هيٺ جي ٽوئنٽي ملڪن جو سربراهي  اجلاس اڄ رياض ۾ ٿيو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سعودي عرب ۾ 2 ڏينهن وارو جي ٽوئنٽي ورچوئل سربراهي ڪانفرنس 21 نومبر کان شروع ٿي  آهي ۽ اها هن گروپ جي پندرهين ساليانه ڪانفرنس آهي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڪانفرنس جي صدارت ڪئي .ڪورونا وبا سبب هي ڪانفرنس انتهائي اهم آهي. جنهن ۾ عالمي معيشت کي متاثر ڪندڙ مسئلن تي بحث ڪئي وئي. جي ٽوئنٽي اجلاس ۾ عالمي تنظيمون ۽ ادارن جون اختيارين به شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ عالمي خوراڪ ۽ زراعت جي اداري جي سربراهن کان علاوه ٻيا اڳواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گڏيل قومون عالمي بينڪ گروپ ۽ عالمي واپار واري تنظيم کان علاوه ٻين  اختيارين به شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ عرب مالياتي فنڊ اسلامي ترقياتي بينڪ آفريقي يونين ۽ جي سي سي اختيارين ه شرڪت ڪئي اجلاس ۾ گڏيل قومون عالمي بينڪ گروپ ۽ عالمي واپار واري تنظيم کان علاوه ٻين ادارن جون اختياريون به شرڪت ڪنديون. اجلاس ۾ عرب مالياتي فند، اسلامي ترقياتي بينڪ،  آفريقي يونين ۽ جي سي سي اختياريون به شرڪت ڪنديون. جي ٽوئنٽي جي ناڻي واري وزارت هلندڙ سال دوران پنهنجي اجلاسن ۾ غريب ملڪن تي ڪورونا وبا جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نوعيت جو پهريون لائحه عمل طئي ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو