سعودي عرب کان اوڌر تي تيل بابت معاهدو، ڪابينا مان منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا سعودي عرب کان اوڌر تي تيل خريد ڪرڻ جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب اقتصادي ڊويزن طرفان وفاقي ڪابينا کي سرڪيوليشن سمري موڪلي وئي هئي جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. معاهدي جي متن موجب سعودي عرب پاڪستان کي هر مهيني 100 ملين ڊالر جو تيل اوڌر تي ڏيندو ۽ پاڪستان کي تيل جي ادائيگي سان گڏ 3.8 سيڪڙو مارجن ادا ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب معاهدو شروعاتي طور تي هڪ سال لاءِ آهي جنهن ۾ بعد ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر وچ ۾ پاڪ سعودي معاهدي جي مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تيل اوڌر تي ڏيڻ جو واعدو وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري دوران ڪيو ويو هو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي تازي دوري کانپوءِ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو هو ته سعودي عرب پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرن جي امدادي فنڊ جو اعلان ڪيو آهي، فواد چوڌري اهو به چيو ته سعودي عرب هڪ سال اندر ريفائنڊ پيٽروليم مصنوعات جي لاءِ 1.2 بلين ڊالر جي فنانسنگ ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو