سعودي عرب پاران 3 ارب ڊالر ڊپازٽ ۽ اوڌر تي تيل جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. هن ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته سعودي عرب 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ ڏئي ڇڏي آهن.

سعودي عرب 1.2 ارب ڊالر جو تيل اوڌر تي ڏيڻ جي منطوري به ڏني آهي.  وزيراعظم جي ٽوئيٽ بعد ناڻي واري سندس مشير شوڪت ترين ٻڌايو ته ڪالهه کيس سعودي عرب جي ناڻي واري وزير پيسا جاري ڪرڻ جي منظوري بابت اطلاع ڏنو هو. هن پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي عرب پاڪستا سان هر وقت ساٿ نڀايو آهي. حماد اظهر بهن سان گڏ هو جنهن چيو ته دنيا ۾ تيل ۽ گيس جي قيمت وڌي آهي ۽ مهانگائي وڌي آهي، پاڪستان ۾ اڄ به پيٽرول سستو آهي، يوريا ڀاڻ جي ٻوري عالمي منڊي ۾ 7 هزار جي آهي پاڪستان 1800 ۾ ملي ٿي. دنيا جو پريشر آهي ته اسين ٽيڪس وڌايون. شوڪت ترين هڪ سوال تي چيو ته آءِ ايم ايف مان قسط جلد ملي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو