سعد رفيق جي گناهن تي اعظم سواتي ڇو استعيفيٰ ڏئي،فواد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعد رفيق پاران ڪيل گناهن تي ريلوي وارو وزير اعظم سواتي ڇو استعيفيٰ ڏئي.ڏهرڪي ۾ ٿيندڙ حادثي تي ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ٽرين حادثن جا سبب ڄاڻڻ کان اڳ ڪوبه بيان ڏيڻ وقت کان اڳ آهي. حادثي جي شروعاتي جاچ جاري آهي. حادثي جو سبب دهشتگردي، ٽيڪنيڪي خرابي آهي يا انساني غلطي ڪجهه چئي نٿو سگهجي. فواد وڌري چيو ته ٽرين حادثي جي جڳهه امدادي ڪارروايون جاري آهن.ريلوي وارو وزير اعظم سواتي ڪجهه دير ۾ حادثي واري جڳهه پهچي ويندو. ٽرين حادثي ۾ جنهن حياتين جو نقصان ٿيو ان خاندانن جو ڏک دلاسن کان سواءِ ڪجهه به نٿو ٿي سگهي. ٽرين حادثي جي سببن جو مڪمل جائزو وٺڻ گهرجي.وزيراعظم عمران خان ٽرين حادثي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به کاتي ۾ ڪم ناهي ٿيو. اسان هر ڪم زيرو کان شروع ڪري رهيا آهيون. ماضي ۾ جيڪي حڪمران رهي چڪا آهن انهن ڪجهه به نه ڪيو. سعد رفيق جي ڪيل گناهن تي اعظم سواتي  ڇو استعيفيٰ ڏئي. اسان ته ايم ايل ون تي ڪم شروع ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو